اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ ڪشميرين جي استحصال واري ڏينهن جي حوالي سان سينيٽر علي ظفر ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو متفقه طور تي منظور ڪيو ويو. قرارداد ۾ چيو ويو ته ايوان حق خوداريت جي لاءِ ڪشميرن جي حمايت ڪري ٿو، اسان ڀارت جي 5 آگسٽ واري غير قانوني قدمن کي رد ڪريون ٿا، ڀارت سيڪيورٽي ڪونسل، اقوام متحده جي قرادادن تي عمل درآمد ڪري. انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بند ڪيون وڃن. جڏهن ته سينيٽ حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل خلاف به مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، قرارداد پيپلز پارٽي جي ميمبر پلوشا خان پيش ڪئي، منظور ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ جو هي ايوان 31 جولاءِ 2024ع تي تهران ۾ اسرائيلي صهيوني حملي ۾ حماس جي اهم اڳواڻ اسماعيل هنيه جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو، اهڙي طرح اسرائيل جي انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ بيروت ۾ بي بنياد بمباري ۽ فلسطين ۾ هزارين بيگناهه شهرين جي قتل جي مذمت ڪري ٿو، سينيٽ آف پاڪستان پرزور سفارش ڪري ٿو ته سڀئي ملڪ، اسلامي تعاون تنظيم ۽ خاص ڪري اسلامي ملڪ متحد ٿي اسرائيل کي دهشتگرد ڪاررواين کان روڪڻ ۽ غزه جو گهيرو ختم ڪرڻ کي يقيني بڻائين ته جيئن بکايل ۽ زخمي شهرين کي هنگامي امداد فراهم ڪري سگهجي ۽ غزه جي بمباري کي فوري طور تي روڪي سگهجي ٿو. سينيٽ جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ 5 آگسٽ کي ڪارو ڏينهن قرار ڏنو، پي ٽي آءِ ميمبر سينيٽ ۾ عمران خان جي حق ۾ نعريبازي ڪئي ته عمران کي آزاد ڪيو، سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز چيو ته اسماعيل هنيه جي شهادت تي پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي پريس رليز مان اسرائيل جو نالو هٽايو ويو، اِن دوران مخالف ڌر پاران شيم شيم جي نعريبازي ڪئي وئي. شبلي فراز چيو ته پيپلز پارٽي جي اصليت سڀاڻي پيش ڪندس، ن ليگ اڳواڻ ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻي ڀڄي ويو، 5 آگسٽ ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، پاڪستان جي مشهور ليڊر کي سياسي بنيادن تي ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو، جيڪڏهن توهان ڳالهائڻ نٿا ڏيو ته ايوان کي بند ڪريو، توهان کي ملڪ ۾ ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال نظر نٿي اچي. هن چيو ته عدت جو ڪيس قوم لاءِ شرم جوڳو آهي، اِن دوران حڪومتي ميمبرن اعتراض ڪيو ۽ ”قرارداد جي ڳالهه ڪريو“ جا نعرا هنيا ويا. شبلي فراز چيو ته ڪا به قرارداد اهم ناهي، پاڪستان اهم آهي. يوسف رضا گيلاني چيو ته ڇا توهان قرارداد جي حمايت ڪري رهيا آهيو؟ شبلي فراز چيو ته انهن ماڻهن سياسي عدم استحڪام کي هٿي ڏني، هن ملڪ جي معيشت کي متاثر ٿي، مهانگائي عوام جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي، ڪا به چڻنگ ڀڙڪي سگهي ٿي، توهان ضرور ڪشمير ۽ فلسطين جي ڳالهه ڪريو، ملڪ جا انتظام نااهل ماڻهن جي هٿن ۾ آهن، سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جي سيٽن تي عمران خان جون تصويرون لڳل هيون. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شبلي فراز وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن. سينيٽ اجلاس گوڙ ۽ نعريبازي دوران اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو.