اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مسرت جمشيد چيما ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گذريل ڏينهن يعني 10 مئي تي ڪيل ڳالهه ٻول جي مبينه آڊيو سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ عمران خان چوي ٿو ته ها مسرت صورتحال ڇا آهي، ان کي ميسيج پهچي ويو، جنهن تي مسرت جمشيد چيما چوي ٿي ته سر مون ميسيج پهچايو آهي، هتي هاءِ ڪورٽ ۾ ويٺا آهيون، اسان چئون ٿا ته اسان نه وينداسين، ڪنهن به صورت ۾ عمران خان کي پيش ڪيو، جنهن تي عمران خان چوي ٿو ته نه، پر هو خواجه ثارث آهي اتي؟ مسرت جمشيد چيما چوي ٿي ته خواجه حارث، سلمان صفدر ٻئي مون سان گڏ آهن، ڳالهه ڪرائي سگهان ٿي، عمران خان چوي ٿوته اعظم سواتي سان به ڳالهايو ته سپريم ڪورٽ ۾ به ان تي اهو ضرور ڪري، هي جيڪو هنن ڪيو آهي بلڪل غيرقانوني شئي آهي، مسرت جمشيد چيما چوي ٿي جي بلڪل بلڪل، سر توهان بي فڪر ٿي وڃو، عمران خان چوي ٿو ته هي ڇا ڪري رهيو آهي، هي جيڪو چيف جسٽس آهي اهو هنن کان آرڊر وٺندو آهي، (خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب اهو الزام عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس تي هنيو آهي) مسرت جمشيد چيما چوي ٿي نيب وارا آيا، فلاڻا آيا ته اسان انهن کي چيو ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو، مان خواجه حارث سان بلڪل گڏ ويٺي آهيان، اسان ائين نه وينداسين، اسان ڪورٽ جي اندر ئي موجود آهيون چيف جسٽس وٽ ڪيس لڳل آهي، عمران خان چوي ٿو ته نه هي ته انهن کان آرڊر وٺندو آهي،  اعظم سواتي سان هاڻي ضرور ڳالهايو. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي وڪيل خواجا طارق رحيم ۽ عبدالقيوم جي به مبينا آڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ خواجا طارق رحيم چوي ٿو ته ڇا ڪرائي ڇڏيوَ؟ قيوم صديقي چوي ٿو ته ڪجهه به نه بس گهرايو آهي اڄ عمران خان کي وٺي اچو، خواجا طارق رحيم چيو ٿو ته ان ۾ آرڊر اهو هوندو ته It goes back to High Court جنهن تي قيوم صديقي چوي ٿو ته ها اهو ئي، خواجه طارق رحيم چيو ٿو ته Protective bail till tomorrow، هو اتي آبجيڪٽ ڪندو چيف جسٽس کي، چيف جسٽس تي اهو آبجيڪشن ڪندو، چيف جسٽس پاڻ ئي لکرائيندو اهو مارڪ ڪندو هن کي ڪياني کي، قيوم صديقي پڇي ٿوته محسن ڪياني کي؟ خواجه طارق رحيم چوي ٿو ها…. ها محسن ڪياني ضمانت ڪري ڇڏيندو، هل هاڻي ٻي ڳالهه ڪر.