لاهور(م ڊ) نامياري ڪرڪيٽر ۽ نوجوان اسپورٽس تجزيي نگار احمد شهزاد چيو آهي ته هنن حالتن ۾نٿو چاهيان ته منهنجو پٽ ڪرڪيٽر ٿئي. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ”هارنا منع هي“ ۾ ڳالهائيندي احمد شهزاد چيو ته اڄ ڪلهه جي حالتن ۾ آئون پاڻ ڪنارو ڪيو ويٺو آهيان، ان ڪري چاهيان ٿو ته منهنجو پٽ جيڪو ٿيڻ چاهي ٿئي پر ڪرڪيٽر نه ٿئي ته بهتر ٿيندو. پروگرام ۾ ڳالهائيندي احمد شهزاد انڪشاف ڪيو ته هو ننڍپڻ کان يتيم هو. سندس والد سندس ٻن ورهين جي ڄمار ۾ ئي لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن کان پوءِ امڙ بهترين نموني مون کي پاليو ۽ الله جو ڪرم آهي ته ڪنهن شئي جي کوٽ نه آئي. زندگي مان مطمئن آهيان. احمد شهزاد وڌيڪ چيوته مون کي مجبوريءَ مان ڪرڪيٽ کان ڪناري تي ٿيڻو پيو.