هندي مسلم اشرافيه، ڪمال اظفر ۽ ‘صُبحِ آزادي’

0
14
هندي مسلم اشرافيه، ڪمال اظفر ۽ ‘صُبحِ آزادي’

 ڪمال اظفر جو تعلق گڏيل هندوستان جي ان مسلم اشرافيه سان آهي، جنهن هندوستان جي ورهاڱي جي حمايت ان ڪري ڪئي ته، کين ورهاڱو نه ٿيڻ جي صورت ۾ هندوستاني صوبن ۾ پنهنجي اقليتي وجود کي ‘جاهه ۽ جلال’ سان برقرار رکڻ مشڪل نظر اچي رهيو هو. سوين سال گڏيل هندوستان تي مختلف سُڃاڻپن سان حڪومت ڪندڙ مسلمان حملي آور خاندانن مان سڀ کان وڌيڪ ڊِگهي عرصي وارو اقتدار مغلن جو آهي. (اهو ڌار بحث آهي ته، بابر وغيره مغل هئا يا تيموري نسل جا ۽ اهو اسان جو موضوع به نه آهي.) بابر کان شروع ٿيل مغل اقتدار بهادر شاهه ظفر تي پُڄاڻيءَ تي پهتو. مغل اقتدار جي مڪمل بحاليءَ لاءِ هندوستان جي ٽن وڏين مذهبي شناخت رکندڙ برادرين هندن، مسلمانن ۽ سکن 1857ع ۾ بغاوت ڪئي پر اها بغاوت ڪامياب نه ٿي سگهي. ننڍي کنڊ جي مسلم اشرافيه جو سُهائو سِج تصور ٿيندڙ سر سيد احمد خان ‘رسالا اسباب بغاوتِ هند’ لکيو. ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ مسلمانن اُن کي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ تجزيو ڪرڻ کان نابري واري. مسلمان ساڃاهه وندن ان بغاوت جي حوالي سان تمام گهٽ لکيو، البته سنڌ سان تعلق رکندڙ سياستدان، دانشور ۽ محقق سائين جي ايم سيد سال 1980ع ۾ هفتيوار ‘جدوجهد’ ڪراچيءَ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ان حوالي سان دلچسپ ڳالهه ڪئي. سندس چوڻ هو ته، “بهادر شاهه ظفر جي مڪمل اقتدار لاءِ بغاوت ڪندڙ بنيادي طور تي ان تجزئي جي اهليت کان ئي محروم هئا ته، مغل راج پنهنجي طبعي عمر اورنگزيب عالمگير جي دور ۾ ئي پوري ڪري چڪو هو، ان کان اڳتي صرف ان کي گهليو پئي ويو”.

سر سيد احمد خان جنهن مسلم نشاتهِ ثانيا (نئي سُجاڳي) جو داعي هو، اها اقتدار طلبي، مايوسيءَ جي پاتال ۾ ڪِريل مسلمانن کي اُن وقت جي جديد دُنيا سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ هئي. سندس خيال هو ته، مايوسي جيڪڏهن سرطان جي صورت اختيار ڪري ورتي ته رهيل کهيل عزت به هلي ويندي. اُن جي ڪوششن، جدوجهد ۽ عمل جي ڪري مسلمان بدلجندڙ حالتن جي گُهرجن کي سمجهندي نئين دور لاءِ ضروري تعليم جي حصول جي راهه تي لڳا. اها ٻي ڳالهه آهي ته، ملائيت ان جديد تعليم کي اسلام ۽ مسلمانن خلاف سازش قرار ڏيندي ڌُوڙ اُڏائڻ لڳي.

ٻئي طرف 1906ع ۾ ڍاڪا ۾ گڏيل هندوستان جي مسلم اشرافيه جا نمائنده گڏ ٿيا. “ياد رهي ته، انهن مان اڪثر نمائندن جو تعلق انهن صوبن ۽ رياستن سان هو، جتي مسلمان ٿورائيءَ ۾ هئا”. مسلم اشرافيه جي ان گڏجاڻيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آندو ويو. اسماعيلي مسلمانن جي پيشوا (امام) سر آغا خان کي مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو. اُن جي اڳواڻيءَ ۾ ئي پوءِ مسلمان اشرافيه جي وفد لارڊ منٽو سان ملاقات ڪري هندوستان جي مسلمان ٿورائيءَ جي حقن جي نگهبانيءَ جي درخواست ڪئي. غدر يا بغاوت جي لڳ ڀڳ 90 سالن کان پوءِ ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو. رَتَ ۾ ٻُڏل ان ورهاڱي جي کيٽن ۾ گذريل 77 سالن کان نفرت ئي پوکي پئي وڃي، صرف اسان طرفان ئي نه پر واهگا جي هُن پار کان به البته هڪ فرق اهو آهي ته، هندوستان جو آئين رياست جي سيڪيولر سُڃاڻپ جو نظريو رکي ٿو ۽ اسان جو آئين 1956ع وارو هجي يا 1973ع وارو، 1948ع جي قرارداد مقاصد ۽ انڊيا ايڪٽ جو گاڏڙ-ساڏڙ چرغو آهي. منهنجي راءِ موجب، جيڪڏهن پاڪستان جو آئين به سيڪيولر اساس تي هجي ها ته، عين ممڪن نه پر يقيني طور تي اسان کي اهي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها، وقت جون عقوبتون ڀوڳڻيون نه پون ها.

هندوستان جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ ٺهندڙ پاڪستان ۾ هندوستان جي صوبن جي اقليتي مسلمان آباديءَ جو هڪ وڏو حصو لڏپلاڻ ڪري پاڪستان آيو. پنهنجي ٻولي، تاريخ، هزار سالن جي خود ساخته حُڪمرانيءَ جي ورثي ۽ ثقافت جي عظمت واري خبط جو شڪار ان اشرافيه جي دل جوئي جو اهتمام هتي تمام گهڻو ٿيو. ان ۾ سندن پنهنجو مهاجر ڀاءُ لياقت علي خان سڀني کان اڳڀرو هو. مقامي سُڃاڻپون مسخ ڪيون ويون. قديم ٻوليون نظرانداز ٿيون. اُردو کي قولي ٻولي قرار ڏنو ويو. اسان وٽ (سنڌو ماٿريءَ ۾) جيڪي ماڻهو 14 آگسٽ 1947ع تائين حملي آور، قاتل ۽ وِلن هئا، اُهي 15 آگسٽ 1947ع جي صُبح جو مسلمانن جا نِجات ڏياريندڙ هِيرو ۽ درويش قرار ڏنا ويا. اقليتي صوبن جي مسلم اشرافيه ته رهي پنهنجي ماڳ هتي سيد بُلهي شاهه ڪَئين صديون اڳ چئي ويو هو ته،

“کاڌا پِيتا لاهي دا، باقي احمد شاهي دا” (جيڪو کائي پِي خرچ ڪيو، اُهو ئي تنهنجو آهي، باقي ته احمد شاهه ابدالي کڻي ويندو).

اڳياڙي گهڻي ڊِگهي ٿي وئي. ڪمال اظفر جي يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب ‘صُبح آزادي’ جي سِٽَ سِٽَ سان شايد ئي اتفاق ٿي سگهي. اتفاق ۽ اختلاف لاءِ ان ۾ تمام گهڻو ڪُجهه آهي، البته اهو اعتراف بِنهه ضروري آهي ته، هُن (ڪمال اظفر) پنهنجي محسوسات، مشاهدن ۽ سوچ کي بيان ڪرڻ ۾ ڪا گهوٻي ناهي هنئي، نه ئي آتم ڪٿائون لکندڙ اڪثر ماڻهن وانگر پاڻ کي پارسا ۽ پرهيزگار جي طور تي پيش ڪيو. ڪُجهه واقعاتي غلطيون آهن، جيڪي تاريخ ۽ واقعن جي مهينن سالن ۽ ڪردارن جي حوالي سان آهن، جن کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو. هن طالبِ علم کي تاريخ، تقابل اديان، تصوف سميت سڀ کان وڌيڪ ‘آتم ڪٿائون’ وڌيڪ پسند آهن. انهن ۾ ‘ڄمندي ڄام’ واريون شيون ته هونديون آهن پر ان جي باوجود پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ملي ويندو آهي. توهان لکندڙ جي ذات ۽ خاندان سان ئي نه پر هڪ سڄي ساري دور کان واقف ٿي ويندا آهيو. اُهو زمانو جنهن جا سالَ مهينا توهان نه ڏٺا هوندا آهن پر جيڪڏهن لکڻ واري جي انداز ۾ بناوٽ جي بدران سادگي هجي ته توهان ليکڪ جي آڱر پڪڙي اُن سان گڏ گڏ هلندي اهو سڀ ڪجهه ڏسو ٿا. ڪمال اظفر جي ‘صُبحِ آزادي’ به هڪ اهڙي آتم ڪٿا آهي، اُن جو والد محمد اظفر جيئن ته گڏيل هندوستان جي مسلم اشرافيه سان گڏ سول ڪامورا شاهي جو اهم حصو رهيو، ان ڪري به هِي ڪتاب اُن وقت جي حالتن، ماڻهن جي خواهشن ۽ مِزاج سان گڏ متڀيد جي آسيب ۾ پلجندڙ “گهٽ ذات” ماڻهن جي مسئلن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏي ٿو.

ڪمال اظفر جو والد گڏيل هندوستان ۽ پوءِ پاڪستان جي ڪامورا شاهي جو اهم رُڪن رهيو پر ڪمال به پنهنجو تعارف پاڻ آهي. هُو سنڌ جو صوبائي وزير رهيو، ٻه ڀيرا سينيٽر چونڊيون ويو، سنڌ جو گورنر رهيو، وزير اعظم بينظير ڀٽو جو صلاحڪار پڻ رهيو. پيپلز پارٽي ان جي پهرين سياسي جماعت هئي ۽ پيپلز پارٽي ئي ان جي ٽئين جماعت. ٻي جماعت مولانا ڪوثر نيازي واري پروگريسِو پيپلز پارٽي هئي. هتي اها پڻ وضاحت ضروري آهي ته، خورشيد حسن مير ۽ تاج محمد لانگاهه واري عوامي جمهوري پارٽي ان کان اڳ ۾ ئي ٺهي چڪي هئي. عوامي جمهوري پارٽي جو پهريون ورڪرز ڪنوينشن سيد زمان جعفري مرحوم جي رهائشگاهه خانيوال روڊ ملتان تي ٿيو هو. اِها جماعت گهڻي وقت تائين پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهي. پروگريسِو پيپلز پارٽي به ‘بهت شور سُنتي ٿي پهلو ۾ دِل ڪا’ جي مصداق ئي رهي. ڪمال اظفر، اڄڪلهه جي مشهور جِهرڪيءَ واري بابا نجم سيٺي ۽ اُن جي ساٿين کي جعلي دانشور لکيو آهي ۽ فيض احمد فيض جي باري ۾ هُو لکي ٿو ته: “فيض احمد فيض نه ڪو بازاري مارڪسٽ هو ۽ نه ئي دهريو. هُو هڪ انسانيت پسند شخص هو”. ‘بازاري مارڪسٽ’ وارو اصطلاح اصل ۾ مسلم اشرافيه جو وڏن خاندانن جي ڪميونسٽن سان دِلي نفرت جو اظهار آهي، ڇو ته ان اشرافيه جو چوڻ آهي ته، اسان جي دولت ۽ توهان جي غُربت خُدا طرفان عطا ڪيل آهن. سادن لفظن ۾ اهو ته، مسلم اشرافيه هڪ طبقاتي خُدا کي مڃي ٿي.