ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان هندو ڪائونسل پاران 113 جوڙن جو اجتماعي شاديون ڪرايون ويون،  ريلوي گرائونڊ ۾ ٿيل تقريب گهوٽ ڪنوارن جا مائٽ پڻ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا، ان موقع تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان ھندو ڪائونسل جي سرپرست ڊاڪٽر رميش وانڪواڻي چيو ته ھر سال جيان هيل 113 جوڙن جون شاديون ڪرايون آھن، اسلام ڪوٽ ڀرسان پريم نگر قائم ڪيو ويو آهي، جتي اولڊ ايج ھوم،  معذور  ۽ بي سھارا ( يتيم ) ٻارن لاءِ ايس او ايس وليج ، اسڪول، اسپتال ۽  ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪنداسين،  جن جو افتتاح اپريل ۾ ٿيندو، ھن جيو ته عمران خان آزاد ٿي ويندو پر کيس سندس غرور جيل تائين پھچايو۔  ھن چيو ته سنڌ مان ھندو برادري جي ماڻهن جي اغوا تي شرمساري ٿئي ٿي،  پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا امن قائم ڪرائين