اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ جي اقليتي ميمبرن هندو نياڻين کان زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ ۽ انهن جون اعتراض جوڳيون تصويرون ۽ وڊيو ٺاهڻ جي مامري تي سخت احتجاج ڪندي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبر رميش ڪمار وڪواڻي چيو ته هڪ ڏينهن پهريان سنڌ ۾ هڪ وڌيڪ هندو نياڻي جو زبردستي مذهب تبديل ڪيو ويو آهي، ان جون اعتراض جوڳيون تصويرون ۽ وڊيوز به ٺاهيا ويا آهن، جيڪي مون وٽ موجود آهن، انهن عمل ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي ته ڪنهن کيس بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ وڊيو ٺاهي ۽ فوٽو ڪڍيا، ن ليگ جي کيئل داس ڪوهستاني چيو ته ڪيترن ئي سالن کان اهي واقعا ٿي رهيا آهن، اسان جي ڳالهين کي ڪنهن طريقي سان نظر انداز ڪيو ويندو رهيو آهي، ڪراچي مان به ٻه هندو نياڻيون گم آهن، ايم ڪيو ايم ڪشور زهريٰ چيو ته سنڌ ۾ اقليتي نياڻين سان مسلسل ائين ٿي رهيو آهي، جيڪو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، جنهن تي اسپيڪر ان سان مخاطب ٿيندي چيو ته ان مسئلي لاءِ ڇا ڪجي، ڪو حل تجويز ڪيو، ڇا ڪاميٽي قائم ڪجي؟ کيئل داس ڪوهستاني چيو ته ان مامري تي پهريان ئي پارلياماني ڪاميٽي ٺهيل آهي، پيپلز پارٽي جي آغا رفيع الله چيو ته تصويرون فيڪ آهن، باقي ان حوالي سان جڙيل ڪاميٽي کي بحال ڪيو وڃي، جنهن تي اسپيڪر ان مسئلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.