نئون ديرو/قمبر(نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو شهر جي درگاهه چوڏهل شاهه پاڙي ۾ هندو واپاري سنتوش ڪمار جي زال، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ ڀائٽي منيش ڪمار ماکيجا سان واقعي تي ڏک جو اظهار ڪري تعزيت ڪئي. ان موقعي تي سنتوش ڪمار جي وارثن بلاول ڀٽو زرداري کي سنتوش ڪمار جي قتل ڪيس ۾ ملوث ڏوهارين کي پوليس مقابلي ۾ مارڻ بابت آگاهه ڪيو ويو. جڏهن ته مقتول جي ڀيڻ بلاول ڀٽو زرداري کي ٻڌايو ته آئون تعليم يافته آهيان مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي سرڪاري نوڪريون ڏنيون وڃن، جنهن تي پ پ چيئرمين جميل سومرو کي هدايت ڪئي ته سنتوش ڪمار جي ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي سنڌ حڪومت ۾ نوڪريون ڏيڻ سان گڏ سنتوش ڪمار جي امڙ جو سرڪاري خرچ تي علاج به ڪرايو وڃي، بلاول ڀٽو زرداري سنتوش ڪمار جي وارثن کي ڀرپور ساٿ ۽ سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته اسان هندو برادريءَ سان هر ڏک سک ۾ گڏ آهيون ۽ رهنداسين،جنهن بعد پ پ چيئرمين قافلي سان گڏ غريب آباد پاڙي ۾ پهچي مدئجي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار محمد رمضان ڀٽو جي گهر پهتو جتي هن شهيد اهلڪار محمد رمضان ڀٽو جي پٽن فدا حسين، الطاف حسين، مدثر علي ڀٽو ۽ نياڻي ام فضا، ڀاءُ شعبان علي ڀٽو ۽ امڙ سان ملاقات ڪري شهيد اهلڪار جي روح کي ثواب پهچائڻ خاطر دعا گهري ۽ وارثن سان واقعي تي تعزيت ڪئي،ٻي طرف قمبر جي غيبي هائوس تي ايم پي اي سردار چانڊيو جي افطار پارٽي جي دعوت ۾ پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري شرڪت ڪئي، سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام هجڻ سبب روڊن رستن کي بند ڪيو ويو، جنھن سبب ماڻهن کي سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو، افطار پارٽي ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، جميل سومرو، ايم اين اي رميش لعل، رفيق احمد جمالي، اعجاز جکراڻي، پ پ ضلعي صدر قمرالدين گوپانگ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.