ڪنري(ن پ ا) هندو برادري “هولي سنڌو ماتا ساڻ“ جي سري هيٺ هولي ملھائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب 13 ۽ 14 مارچ تي هندو برادري جو رنگن ڀريو تھوار هولي ملهايو ويندو، ڪنري سميت سنڌ جي هندو برادري هن سال هولي جو ڏينھن سنڌو درياءَ مان پاڻي کڻي ڪئنال اڏڻ خلاف سنڌو ماتا ساڻ ملھائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هندو برادري جي اڳواڻن پرڪاش ڪمار، ديوانند، کينپال ڪولهي، راجا مدهوش ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته هولي جو سنڌو سڀيتا جو سڀ کان وڏو تهوار آھي، هي تهوار سنڌو ماتا ساڻ جي سري هيٺ ملھائي هولي ڏينھن رنگن سان گڏ سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف ڀرپور احتجاج ڪنداسين، هنن چيو ته اگر سنڌو درياءَ هوندو ته اسان به هونداسين ۽ هولي، ديوالي ۽ عيدون به هونديون انڪري درياھه تي داڙي خلاف ڀرپور مزاحمت ڪرڻي پوندي، هولي جو تهوار به ظلم خلاف حق جي جيت آھي ۽ اسان سنڌو درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙي جي ظلم خلاف حق جو آواز بلند ڪنداسين.