ڪشمور (رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته ڪشمور ۾ هندو برادري جي ڌرڻي ۾ جسقم جا سوين ڪارڪن شامل آهن، سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته پوليس پنهنجا فرض نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ڪير به محفوظ ناهي، معصوم ٻار اغوا ۽ قتل ٿي رهيا آهن، واپاري ۽ عام ماڻهن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو، پوليس ڪک ڀڄي ٻيڻو نٿي ڪري، هن چيو ته جيڪڏهن پوليس ڌرڻي مٿان ڪاهه ڪئي ته ايس ايس پي ڪشمور آفيس جو گهيراءُ ڪري سڄي سنڌ ۾ تحريڪ شروع ڪئي ويندي، جسقم چيئرمين امجد مهيسر پهچي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيو.