ڪولمبو ( اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي دوران ڀارت هڪ سخت مقابلي کانپوءِ سريلنڪا کي 41 رنسن تان هارائڻ ۾ ڪامياب رهيو ان دوران ميچ دوران ٻنهي ٽيمن جا شوقين آپي مان نڪري ويا.سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن جي مداحن هڪٻئي کي مارڪٽ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو ۾ سريلنڪن جرسي پهريل مداح کي ڀارتي فين ڏانهن ڊوڙندي ۽ پوءِ ٻنهي کي مارڪٽ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو ۾ ڀرپاسي موجود ماڻهو ٻنهي ڌرين کي ڌار ڌار ڪندي به نظر اچي رهيا آهن، وڊيو ۾ موجود خالي ڪرسيون به اِهو واضح ڪري رهيون آهن ته وڊيو ميچ کانپوءِ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.