واشنگٽن: عالمي معاملن جي تجزيي نگار نيانيما باسو ٽرمپ – مودي ملاقات تي چيو آهي ته هندستان ۾ دٻاءَ ۾ اچي  ويو، مودي آمريڪا کي وڏو فائدو ڏنو. نريندر مودي جو دورو هندستان کان وڌيڪ آمريڪا جي حق ۾ رهيو. آمريڪا دفاعي سامان جي وڪري واري معاملي تي وڌيڪ توجهه ڏني، هن وڌيڪ چيو ته هندستان ۾ جنگي جهازن جي خريداري جو عمل تمام ڊگهو ٿيندو آهي. ٻئي ملڪ ڊفينس جي آپريشن فريم ورڪ کي 10 سالن لاءِ وڌائي رهيا آهن، نيمانيما چوي ٿي ته جيستائين آمريڪا کان تيل ۽ گيس خريدڻ جي ڳالهه آهي ته آمريڪا چاهي ٿو ته انڊيا روس کان تيل وٺڻ بند ڪري.