راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هندستان خلاف اسان متحد آهيون، ڀارت هميشه فالس فليگ آپريشن ڪري پاڪستان مٿان الزام لڳائيندو رهيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات کانپوءِ ان جي وڪيل فيصل چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان واضح ڪيو آهي ته هندستان خلاف اسان متحد آهيون. حڪومت فارم 47 اري آهي، هن هندستان ۽ مودي خلاف گڏ ٿيڻ جو پيغام پڻ ڏنو. فيصل چوڌري موجب عمران خان وڌيڪ چيو ته حڪومت فيصلا ڪندي ڪنهن کي اعتماد ۾ ناهي ورتو. مودي جي قدمن پاڪستاني عوام کي هڪ ڪري ڇڏيو آهي.