ممبئي (شوبز نيوز) ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽري جي اداڪار سوريا جي فلم “ڪنگووا” آسڪر 2025 جي اميدوارن جي فهرست ۾ شامل ٿي وئي آهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب تامل فلم “ڪنگووا” انهن فلمن مان هڪ آهي، جنهن کي 2024ع ۾ رليز ٿيڻ کانپوءِ باڪس آفيس تي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، جتي مداحن فلم جي شور واري پس منظر جي موسيقي ۽ ٻين اداڪارن جي گهٽ اسڪرين ٽائيم جي شڪايت ڪئي هئي، فلم هڪ خاص اعزاز حاصل ڪيو، جيڪو تيزيءَ سان انٽرنيٽ تي وائرل ٿي رهيو آهي. ڏکڻ ڀارتي مشهور اداڪار سوريا جي فلم “ڪنگووا” کي آسڪر 2025 جي اميدوارن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ساروٿائي شيوا جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ هن فلم کي آسڪر 2025 لاءِ شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي، جنهن سان گڏ مختلف ملڪن جي فلم انڊسٽريءَ مان 323 بين الاقوامي فلمون پڻ شامل آهن. اهڙي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ اداڪار سوريا جي مداحن سوشل ميڊيا تي خوشي جو اظهار ڪندي ان کي فلم جي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو، ڪيترن ئي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن فلم جي آسڪر شارٽ لسٽنگ تي حيرانگي جو اظهار پڻ ڪيو، ڇاڪاڻ ته ان کي رليز ٿيڻ تي گڏيل رايا مليا ۽ ان جي ڪمائي به لاڳت کان گهٽ هئي، ياد رهي ته فلم “ڪنگووا” باڪس آفيس تي 96 ڪروڙ رپين جو مايوس ڪندڙ بزنس ڪيو، جيڪو 350 ڪروڙ رپين جي وڏي بجيٽ تي ٺهيل فلم لاءِ تمام گهٽ هو ۽ ان فلم جي پروڊيوسرن کي وڏي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، هتي اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته بالي ووڊ جي مشهور اداڪار بوبي ديول به هن فلم ۾ ولن جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن کي مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. واضح رهي ته “ڪانگووا” کي 8 ڊسمبر تي ايمازون پرائم وڊيو تي رليز ڪيو ويو هو، جتي ان جي ٿيٽر ۾ رليز ٿيڻ کانپوءِ ان کي ڊجيٽل طور تي اسٽريم ڪيو پيو وڃي.