نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ هڪ اهڙو ڳوٺ به آهي جتي ٻار نانگن سان کيڏندا آهن ۽ کين اسڪول وٺي ويندا آهن. ڀارتي ميڊيا جي مختلف رپورٽن موجب هن ڳوٺ ۾ نانگ رڳو گهرن ۾ نه پر زمينن، وڻن ۽ بيڊ رومن ۾ به ملندا آهن. ڳوٺاڻا انهن نانگن کان بلڪل به نه ڊڄندا آهن پر انهن سان کيڏندا آهن ۽ کين کارائيندا آهن، هتي جا ماڻهو نانگن کي پنهنجي گهر جو حصو سمجهندا آهن ۽ انهن لاءِ گهر ڀاتين وانگر ماني پچائيندا آهن. شيتڦل جي گهٽين ۾ توهان ٻارن کي انهن سان راند ڪندي ڏسي سگهو ٿا. ٻار به نانگن کي اسڪول وٺي ويندا آهن ۽ انهن سان گڏ پڙهندا آهن. هندي اخبار امر اجالا جي رپورٽ موجب دهليءَ جي ڀرسان هريانا رياست جي روهتڪ ۾ هڪ اهڙو ڳوٺ به آهي، جتي نانگ رهن ٿا ۽ اتي ماڻهن کي ڪجهه نه ٿا ڪن. رپورٽ موجب هن ڳوٺ ۾ گذريل 300 سالن کان هڪ روايت هلي رهي آهي، جنهن موجب نانگ کي مارڻ وڏو گناهه سمجهيو ويندو آهي، اڄ تائين نانگ جي ڪکڻ سبب ڪو به ماڻهو مري نه ويو آهي ۽ اڪثر نانگ اچي ماڻهن کي ڪکي ويندا آهن پر انهن کي قتل نه ڪيو ويندو آهي. شيتڦل ڳوٺ جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سندن ابن ڏاڏن نانگ پالڻ شروع ڪيو هو. ان وقت کان وٺي اها روايت نسل در نسل هلندي آئي آهي، ڳوٺاڻن کي چڱيءَ ريت خبر آهي ته نانگ کي ڪيئن پڪڙيو وڃي. ماڻهو ننڍپڻ کان نانگ کي سنڀالڻ سکندا آهن. هي نانگ ٻيو ڪو نه پر ڪنگ ڪوبرا آهي، جنهن کي مقامي آبادي ناگ يا گوهمن سڏين ٿا، ڪنگ ڪوبرا تمام زهريلو نانگ آهي ۽ ان جو ڏنگيل ڪجهه ڪلاڪ ئي زنده رهي ٿو. انسانن سان گڏ نانگن جي صحبت ڳوٺ کي مشهور سياحتي مقام بڻائي ڇڏيو آهي، جتي ماڻهو نانگن کي هٿ ۾ کڻندڙ ٻارن کي ڏسي سگهن ٿا. رپورٽ موجب ڳوٺاڻن سياحن کي نانگن کي سنڀالڻ جو طريقو به سيکاريو. جڏهن ته شيتڦل ڳوٺ ۾ نانگ پالڻ ڪو سولو ڪم ناهي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ان کي پالڻ سندن لاءِ وڏو چئلينج آهي، ڇاڪاڻ ته کين خاص قسم جو کاڌو مهيا ڪرڻو پوندو آهي. حڪومت ڳوٺ کي سياحتي مقام طور ترقي ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي آهي، ان کان علاوه ڳوٺاڻن کي نانگن کان بچاءُ جي تربيت پڻ ڏني ويندي.