اسلام آباد (م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پهلگام حملي تي هندستان مان صرف /ڏسو صفحو 7 بقايا 35
جذباتي ۽ غيرمنطقي ردعمل سامهون اچي رهيو آهي، عالمي برادري تسليم ڪري ٿي ته پاڪستان جو دهشتگردي سان ڪو به تعلق ناهي، پر هر ڀيري جيان هن واري به هندستان بنا ڪنهن جاچ جي پاڪستان مٿان بهتان هنيا. پرڏيهي ريڊيو کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پاڪستان هندستان جي بي بنياد الزامن جو نهايت تحمل سان جواب ڏنو. پاڪستان ڪنٽرول لائن تي صرف هندستاني اشتعمال انگيزي جو جواب ڏيندو آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو پهلگام حملي جي غيرجانبداراڻي جاچ ڪرائي ته جيئن حقيقتون سامهون اچن ۽ خطي ۾ امن قائم ٿي سگهي.