ڪراچي(اسپورٽس نيوز) سرڪاري هندستاني ويب سائيٽ پڻ پاڪستاني رانديگر ارشد نديم جي شاندار ڪارڪردگي جو اعتراف ڪيو، جنهن 2024 جي اولمپڪس ۾ سون جو تمغو کٽيو. ڀارت نه رڳو پنهنجي سرڪاري ويب سائيٽ تي ارشد نديم جي اولمپڪ فتح جي تعريف ڪئي، پر نوجوانن لاءِ ترغيباتي مواد جي طور تي سندس وڊيو پڻ پيش ڪئي. هندستاني ويب سائيٽ ارشد نديم جي پيرس اولمپڪس ۾ ڪاميابي جي سفر جو مثال ڏنو، جنهن ۾ هن 2020 جي ٽوڪيو اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ شاندار واپسي ڪئي. وڊيو ارشد جي محنت ۽ لگن کي اجاگر ڪري ٿي. ارشد نديم، جيڪو ميان چنون سان تعلق رکي ٿو، پاڪستان جو پهريون جيولين اڇلائيندڙ آهي جنهن عالمي سطح تي مسلسل ڪاميابي حاصل ڪئي. هن 2022 جي ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پڻ سون جو تمغو کٽيو، جڏهن ته هن 2023 جي ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ چانديءَ جو تمغو کٽيو. ارشد نديم جي ڪارڪردگي نه رڳو پاڪستان جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪيو پر هو نوجوانن لاءِ محنت، لگن ۽ ثابت قدمي جي هڪ مثال بڻجي ويو آهي، جنهن کي ڀارت جهڙو روايتي حریف ملڪ به سندس ڪارڪردگي جو اعتراف ڪرڻ تي مجبور ٿيو.