ڪرتارپور(شوبز نيوز) هندستاني اداڪار درٻار صاحب ڪرتارپور پهچي ويا، پاڪستاني شوبز ستارن سندن پرجوش استقبال ڪيو. خانگي ٽي وي موجب هندستاني وفد ۾ هريش ورما، شرن ڪور، جسڪرن گل، چندر ڪمبوج، راج ويندر، بلجيت سنگهه، سپن ۽ ٻيا شامل هئا جڏهن ته پاڪستاني فنڪارن روبي انعم، قيصر پيا، سردار ڪمال، اظهر بٽ، آصف اقبال ۽ شجر عباس آجيان ڪئي، هندستاني فنڪارن جي وفد درٻار صاحب ڪرتارپور تي حاضري ڀري مذهبي رسمون ادا ڪيون. ان موقعي تي اداڪار هريش ورما ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هتي اچي سڪون مليو، ڪرتارپور اچڻ اسان جي يادن ۾ هميشه تازو رهندو، هتان وڃڻ لاءِ دل ناهي ڪري رهي، ٻيهر وري اينداسين، محبتن جو اهو سلسلو جاري رهڻ گهرجي، هن ڌرتي تي سڀني لاءِ پيار آهي. هندستاني اداڪار شرن ڪور چيو ته ڪرتارپور جي خوبصورتي بيان ڪرڻ مشڪل آهي، ڪرتارپور پهريون ڀيرو آئي آهيان هتي اچڻ هڪ خواب لڳي ٿو. جسڪرن سنگهه چيو ته اڄ جي دوري جو سمورو ڪريڊٽ پروڊيوسر اظهر بٽ ڏانهن وڃي ٿو. فلمون ٺهنديون رهنديون. اسان آئينده به فلمون ٺاهينداسين پر اڄ پيار کڻي وڃي رهيا آهيون. ان موقعي تي پاڪستاني اداڪار قيصر پيا چيو ته سڄي زندگي ملاقاتن جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي، پيار جا رشتا ٺهندا آهن ۽ انهن کي وڌيڪ ٺهڻ گهرجي.