سکر(بيورو رپورٽ) شهيد صحافي جان محمد مهر ۽ وڇڙي ويل صحافين جي ياد ۾ “هم نهين ڀولين گي” پريس ڪلب ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. شهيد صحافي جان محمد مهر جي نياڻي ناياب جان محمد کي لائف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي ناياب جان محمد مهر چيو ته افسوس جو اڄ تائين شهيد بابا جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري اسان جي گهر تعزيت ڪرڻ آيا ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي پر ڪجهه به نه ٿيو. بابا کي آفيس کان گهر ايندي شهيد ڪيو ويو پر قاتل گرفتار نه ٿيا آهن. شهيد سينيئر صحافي جان محمد مهر جي معصوم نياڻي پنهنجي تقرير ۾ وڌيڪ چيو ته بابا چوندو هو ته ناياب اوهان سي ايس ايس آفيسر بڻجو، پر سي ايس ايس آفيسرن بابا جا قاتل ناهن پڪڙي سگهيا جنهن افسوس آهي، پوليس آفيسر ۽ سياستدان جواب ڏين انهن جان محمد مهر جي خون سان انصاف لاءِ ڇا ڪيو آهي، ميڊيا جا احتجاج به ختم ٿي ويا، پوليس به خاموش ٿي ويهي رهي آهي. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ چيو ته شهيد جان محمد مهر جا قاتل 12 ڪلو ميٽر پري ڪچي ۾ موجود آهن پوليس رياست حڪومت گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارا ڏيڍ سال تائين جان محمد جي قاتلن کي گرفتار ڪري ناهن سگهيا، رياست ڪٿي هئي جڏهن وچ شهر ۾ جان محمد کي شهيد ڪيو ويو، هر حڪومت ۾ صحافت جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ضلع ڪائونسل چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه چيو ته 1970 جي ڏهاڪي کان پيپلزپارٽي صحافين جي ڍال بڻيل آهي، صحافي مظلوم طبقي جي ڍال هوندا آهن، کين اڪيلو نه ڇڏبو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سکر پريس ڪلب جو بنياد وڌو هو، شهيد صحافي جان محمد مهر ۽ وڇڙي ويل صحافين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. تقريب ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر، هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويل صحافين شبير بيدار ڀٽو، چوڌري محم ارشاد، مشتاق گيلاني، شميم شمسي، مولائي شيدائي، رشيد ڀٽي، جاويد ميمڻ، مدثر ڪلهوڙو، حڪيم سيٺار، عبدالله شيخ، مخدوم رفيق هاشمي، چوڌري جاويد اشرف، مهر الاهي شمسي، مولا بخش ڀٽو، سعيد سرهندي، ميان عبدالطيف، چوڌري فضل نسيم، عتيق احمد، سردار امحمد قريشي، عبدالله منگي، ڄام صادق سومرو، اعجاز سنجراڻي، رياض سومرو جي صحافتي خدمتن کي ياد ڪندي کين خراج تحسين پيش ڪئي وئي ۽ وارثن کي ايوارڊ ڏنا ويا.