ماسڪو (انٽرنيشنل نيوز) روس جي وفاقي سينسر بورڊ Roskomnadzor (ايل جي بي تي قيو +) بابت مواد خلاف اختيارين کي شڪايت داخل ڪرائڻ لاءِ آن لائن فارم جاري ڪيو ويو آهي.
عالمي ميڊيا رپورٽس موجب روسڪومينڊرز جي ڊپٽي هيڊ وارڊم سوبوٽن جو ان حوالي سان چوڻ هو ته ايجنسي اڄ کان انهن سائٽس کي بلاڪ ڪرڻ شروع ڪندي جيڪي اطلاع ملڻ جي 24 ڪلاڪن جي اندر پنهنجي پيج تان ايل بي ٽي قيو جو مواد ڊليٽ نه ڪندي.هن اهو به چيو ته اسان کي ايل جي بي ٽي قيو مواد خلاف رپورٽون ۽ شڪايتون ملڻ شروع ٿي ويون آهن. اسان پاڻ انهن جي نگراني ڪري رهيا آهيون ۽ انهيءَ بنياد تي ماهوار فيصلا ڪيا پيا وڃن.واضح رهي ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن ڊسمبر 2022ع ۾ سڄي ملڪ ۾ ايل جي بي ٽي قيو پروپيگينڊا کي غير قانوني قرار ڏيندڙ هڪ قانون تي صحيع ڪئي هئي. فوري طور تي ڪتابن جي دڪانن ۽ لائبريرين انهن ڪتابن کي هٽائڻ شروع ڪري ڇڏيو جيڪا امڪاني طور تي ان قسم جي مواد خلاف ايڪشن ورتو ويو.