چين(انٽريسٽنگ  نيوز) وچ چين ۾ همراه کي دل جو دورو پيو، جيڪو  هوش ۾ ايندي ئي دفتر وڃڻ جو ضد ڪرڻ لڳو. ان ڏس ۾ چيني ميڊيا موجب ريل گاڏيءَ جو انتظار ڪندڙ شخص کي اوچتو دل جو دورو پئجي ويو، جنهن سبب هو زمين تي  ڪري پيو، کيس هڪدم ڊاڪٽرن ۽ عملي 20 منٽ علاج ڪرڻ بعد هوش ۾ آندو. 40 سالن جي شخص هوش ۾ ايندي ئي آفيس وڃڻ جو ضد ڪيو، جنهن کي ڊاڪٽرن ايمبولينس گهرائي اسپتال وڃڻ لاءِ چيو. ڪافي ضد ڪرڻ بعد همراه اسپتال وڃڻ لاءِ راضي ٿيو، دل جو دورو پوڻ سبب متاثر شخص چيو ته زندگي گذارڻ ايتري آسان ناهي مون سميت دنيا ۾ ڪيترا ئي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ ۾ لڳل هوندا آهن آئون به هڪ ذميوار افراد آهيان.