بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين ۾ انساني عزم ۽ همت و هڪ شاندار منظر ان وقت ڏٺو ويو، جڏهن هڪ ٻڏندڙ ٻارڙي کي ڏسي اجنبي شخص فوري طور تي درياهه ۾ ٽپو لڳائي ان کي موت جي منهن مان بچائي ورتو، صوبي گوانگ ڊونگ جي شهر چنگ گيان جي وچ مان هڪ درياهه گذرندو آهي، جيڪو ان وقت به وهندڙ هيو، اهو واقعو 11 سيپٽمبر تي پيش آيو آهي، جنهن ۾ اڃا تائين اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته ست سالن جي ٻارڙي آخر درياهه ۾ ڪري ڪيئن ۽ جڏهن ان کي ڏٺو ويو ته اها تمام پري وڃي چڪي هئي، سڀ کان ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها هئي ته ٻارڙي جو مٿو ٻڏي رهيو هيو ۽ ان جا رڳو وار ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا، اهو منظر ڏسي ماڻهن جون رڙيون نڪري ويون ۽ اهي ٻارڙي جي جان بچائڻ لاءِ مدد لاءِ سڏي رهيا هئا، اهو ئي سبب آهي جو ان شخص فوري طور تي درياهه ۾ ٽڏو ڏئي تيزي سان ترڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ پري موجود ٻارڙي طرف وڌيو ۽ ان کي ٻاهر ڪڍي آيو، خوش قسمتي سان ٻارڙي زنده هئي، جيڪا فوري طور تي پنهنجي پيرن تي بيهي رهي، ان ٻارڙي وٽ اسڪول بيگ به هيو.