ميزورام(انٽريسٽنگ نيوز) هندستان ۾ هڪ اهڙو هيٺ مٿي گهر آهي جنهن ۾ هڪ ئي خاندان جا 199 ڀاتي رهن ٿا. ميڊيا رپورٽس موجب هندستان جي رياست ميزورام جي ڳوٺ بڪتونگ ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي خاندان جو گهر آهي جيڪي هڪ ئي ڇت هيٺ رهن ٿا. زيونا ان خاندان جو سرپرست هو جنهن جون 38 زالون ۽ 125 ٻار آهن، زيونا 2021 ۾ 76 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، پر ان جو خاندان پهاڙن ۾ ٺاهيل ڪمپليڪس ۾ رهي ٿو زيونا جا ڪجهه ٻار پرڻيل آهن ڪجهه وٽ هڪ کان وڌيڪ زالون آهن خاندان جي سمورن ميمبرن جو تعداد 199 آهي. سمورا ڀاتي پنهنجي گهر جي وڏي هال ۾ ڏينهن جو ٻه ڀيرا ماني کائڻ لاءِ جمع ٿين ٿا. جيڪو کائڻ جي ڪمري کان وڌيڪ ڪينٽين لڳي ٿي. سمورا ڀاتي ڪمائي مان حصي کان ويندي خوراڪ جي سامان تائين سڀ ڪجهه پاڻ ۾  شيئر ڪندا آهن، وارثن جو چوڻ آهي ته اسان زيونا جي خاندان کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا.