ڪهاڻيون بس ائين ئي ناهن جڙنديون، اصل ۾ ڪهاڻين جي پويان به وڏيون آکاڻيون ۽ انهن جا پسمنظر، ايتري تائين جو پيش منظر پڻ هوندا آهن. هڪ ڪهاڻي، جيڪا مان پنهنجي ٻاروتڻ ۾ ٻڌي هئي ته، “بادشاهه مرڻ وقت وصيت ڪندو آهي ته هن کانپوءِ تخت تي ان شخص کي ويهاريو وڃي، جنهن جي ڪلهي تي ‘هما’ پکي ويهي.” يا ان ڪهاڻيءَ کي هن طرح به بيان ڪيو ويندو آهي ته، “هڪ راڄ ۾ هما پکي رهندو هو، جنهن جي به ڪلهي يا مٿي تي ويهندو هو ته ان کي بادشاهي ملندي هئي.“ مطلب اهو ‘بادشاه گر’ پکي هو.
مونکي ڪجهه ڏينهن کان هما پکي ان ڪري ياد اچي پيو ته مسلم ليگ (ن) جو قائد نواز شريف جڏهن چئن سالن جي پاڻمرادي جلاوطني ڪاٽي پاڪستان واپس آيو ته شهر اقتدار اسلام آباد کان ٿيندو سڌو لاهور پهتو. پهرين ته شهر ۾ پوليس جي ‘اڳواڻ’ طرفان جهڙي ريت هن کي سليوٽ ڪيو ويو، سمجهڻ وارا ان مان ئي سمجهي ويا، باقي رهيل ڪسر ڪبوتر اڏائي پوري ڪئي وئي. الائي ڇو مونکي اهي ڪبوتر هما پکي لڳا، جيڪي هاڻوڪي اقبال پارڪ ۽ اڳوڻي منٽو پارڪ ۾ اڏايا ويا ته انهن مان ڪجهه ميان نواز شريف جي مٿي ۽ هٿن تي ويهي رهيا! ڪبوترن (هما) جي اهڙي طرح ويهڻ بعد مان پاڻ کي سواليه انداز سان چوندو رهيس ته هما پکي ته ويهي رهيو، هاڻي اليڪشن ڪرائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ وري پاڻ کي سمجهائيندو به رهيس ته ‘هما’ جي ڪهاڻي، ماضيءَ جو داستان آهي، اميد ته اهڙيون ڳالهيون هن جديد دؤر ۾ ڪونه ورجائبيون….. پر گذريل 22 ڏينهن جي حالتن ۽ واقعن تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته اها ڪهاڻي سچ لڳي ٿي. اها ڳالهه بلڪل درست لڳي ٿي ته اقتدار جو پکي ميان صاحب جي ڪلهي تي ويهي چڪو آهي.
پنجاب حڪومت پهرين ئي ڌڪ ۾ العزيزيه ريفرنس ۾ ميان نواز شريف کي مليل سزا معطل ڪري ڇڏي. قانون ۽ قانوندان دانهون ڪندا رهجي ويا ته پنجاب سرڪار وٽ سزا کي معطل ڪرڻ جا اختيار ئي ڪونه هئا. خير ڪير ٿو پڇي قانونن کي ۽ خاص ڪري ان کي، جنهن جي ڪلهي تي هما پکي ويٺل هجي. هما پکي جو اهو پهريون ڪرشمو هو، جن ڪروڙين ماڻهن منٽو پارڪ ۾ ڪبوترن جي صورت ۾ ميان صاحب جي مٿي تي هما ڏٺو، انهن کي العزيزيه ريفرنس جي سزا معطل ڪرڻ جي صورت ۾ بر سرِ منبر ٻڌايو پڻ ويو. ڳالهه ان تي به اسٽاپ نه ڪيو. قومي ۽ صوبائي چونڊن ۾ هر ڀيري پنهنجي نئين پارٽنر جي تلاش ۾ رهندڙ جنرل ضياءَ جي محنت ٻين لفظن ۾ تخليق، سنڌ جي هڪ اهم شهري پارٽي ته اشاري جي انتظار ۾ هئي. بقول ڪنهن تجزيه نگار ته همراهن ايترو انتظار به نه ڪيو ته ڀلا وڏو نه ته ننڍو ميان صاحب ئي يعني شهباز شريف بهادر آَباد جو هڪ عام رواجي دؤرو ڪري گڏ هلڻ جي ڳالهه ئي ڪري ها. ٻئي طرف بلوچستان ۾ سڀني جي ‘بعپ’ پارٽي جيڪي جنرل قمر جاويد باجوه جي محنتن جو نتيجو آهي، پڻ ‘آمنه صدقنا’ چوڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. ‘بعپ’ کي ڏسي اسان جا شهري بابو فاروق ستار، مصطفى ڪمال، خالد مقبول صديقي ساٿ سميت لاهور پهچي ويا. ماضيءَ ۾ مسلم ليگ (ن) جي قيادت تي ذاتي الزامن جي سلسلي کي پروان چاڙهيندڙن کي ڪجهه به ياد نه آيو. اتي بيهي اعلان ڪندا رهيا ته هو نواز ليگ سان ئي گڏ آهن ۽ هن ڀيري شهري سنڌ مان وڃايل سڀ سيٽون کٽي پوءِ دم پٽيندا. ٻئي طرف ‘بعپ’ جنهن نموني سان قبلي کي لاڙڪاڻي مان تبديل ڪري لاهور ڪري ڇڏيو، اهي منظر ڏسي سنڌ جي اڳواڻن جو دانهون ته “لاهور ۽ لاڙڪاڻي ۾ فرق ڪيو پيو وڃي”، ياد اچي ويون. ساڳي وقت کِلَ به ايندي رهي ته اسان جا سياسي اڳواڻ پنهنجي مطلب لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون جوڙيندا رهيا آهن. ‘بعپ’ جو اهو ايڪشن، اڃا تائين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي هضم نه پيو ٿئي! ڇاڪاڻ ته ان جي پويان مسلسل ٻن سالن جي محنت شامل هئي، جيڪا هڪ ئي جهٽڪي سان هوا ۾ گم ٿي وئي. پ پ پ قيادت کي يقين نه پيو اچي ته اڳوڻو وزير اعلى ڄام ڪمال جهڙو باڪمال ماڻهو به هنن کان پري هليو ويو، مير سليم کوسو، عبدالرحمان کيتران، محمد خان لهڙي، شعيب نوشيرواني، سردار مسعود لوني، عاصم ڪرد، رامين حسني، چنگيز مري، زين مگسي، سردار اسلم ترين جهڙا اڳواڻ، جن کي زرداري صاحب بلوچستان ۾ پنهنجو اثاثو سمجهندو آيو ٿي، اهي ائين ئي ‘هما’ ٿي نواز شريف جي ڪلهي تي ويهي رهندا. ها، ايترو سو ضرور ٿيو ته ايم. ڪيو. ايم. پاڻ لاهور پاڻ پهچي وئي، جڏهن ته بلوچستان جي معزز سردارن ۽ سياسي اڳواڻن نواز ليگ جي اڳواڻ ميان نواز شريف کي گهرائي ‘بعپ’ کي ختم ڪري پاڻ کي نواز ليگ ۾ ضم ڪرڻ جو نعرو بلند ڪيو. سياسي تجزيه نگار حسن نثار موجب: “بلوچستان عوامي پارٽي جو مختصر ماضي اسان کي ٻڌائي ٿو ته هن سدائين پنهنجي خالق سان بيحد نڀايو آهي. اها پارٽي صوبي کان سينيٽ تائين هر جاءِ تي هر حڪم مڃڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي ناهي ڪندي..!” اهڙي پارٽيءَ جو نواز ليگ ۾ ضم ٿيڻ، منهنجي خيال ۾ علقمندن لاءِ اشارو ئي ڪافي آهي.
هاڻي اچو ته هما جي براجمان ٿيڻ جون ڪجهه ٻيون علامتون به ڏسون. سنڌ ۾ جهڙي طرح چونڊي چونڊي ‘اليڪٽيبلز’ تائين رسائي ڪئي پئي وڃي، اها ضرور اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي. هر ضلعي ۾ ماڻهن سان مسلسل رابطن ۾ رهي انهن کي يقين ڏياريو پيو وڃي ته ايندڙ حڪومت نواز ليگ جي آهي، حالتون ٻڌائين ٿيون ته ايندڙ ڏينهن ۾ نواز ليگ ۾ شامل ٿيندڙن جي هڪ ڊگهي قطار هوندي. هتان جي وڏيرن کي ڇا آهي! هو ڪهڙو شهيد ڀُٽي جي منشور يا شهيد محترمه جي قربانيءَ کان متاثر ٿي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ ويٺا آهن. هر ماڻهو سمجهي ٿو ته اها فقط اقتدار جي حوس آهي، جيڪڏهن هنن کي اهو يقين ڏياريون وڃي ٿو ته ايندڙ سرڪار، نواز ليگ جي هوندي ۽ ان ۾ هو سنڌ اندر حصيدار هوندا ته حالتون اهڙي ريت تبديل ٿي وينديون، جيئن بلوچستان ۾ ‘بعپ’ جي صورت ۾ ٿي ويون يا ايم.ڪيو. ايم جي لاهور ياترا….
هما پکيءَ جي ڪهاڻي، اتي پوري نه ٿي ٿئي، بلوچستان ۽ سنڌ، ممڪن آهي، هنن لاءِ آسان هدف هجن، ڳالهه پنجاب جي آهي. پنجاب ۾ جيڪا نرسري پوکي وئي، اها وڌي وڏي وڻ جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي، ان وڻ جون پاڙون زمين ۾ ڪافي هيٺ تائين هلي ويون آهن. منهنجو اشارو پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي تنظيم سازي ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ ڏانهن آهي، ڇا ان کي به تبديل ڪري سگهجي ٿو؟ ڪٿي ائين نه ٿئي جو هما پکيءَ جي ڪهاڻي اسان کي ٻيهر لکڻي پوي. خير وقت ۽ حالتون بهتر ٻڌائي سگهن ٿيون. پاڻ فقط انتظار ڪري سگهون ٿا.