ھمايون شريف (ن پ ا) ھمايون شريف قومي شاھراھ جيڪب آباد_شڪارپور روڊ تي ڳوٺ آچر بروھي جي رھواسن سان شڪارپور مان شادي ڪري واپس پنهنجي ڳوٺ وڃڻ تي روڊ حادثو پيش آيو،  ڄاڃين سان ڀريل ڪوچ ۽ ٽريڪٽر وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب عزيزه زال امان الله ڪلهوڙو ۽ 13 ورھين جو نينگر فائق بروهي فوت ٿي ويا،  هوڏانهن زخمين ۾ سڪينا، راج بيبي زال ارباب بروهي، 8 ورھين جي دعا بتول، 10ورھين جي فرحان ڌيءُ ھادي بروھي،16ورھين جو امام بخش بنگلاڻي، 8 ورھين جي علي شبا بروھي، مديحا زال رياض سنجراڻي، 10ورھين جي راڻي ڌيءُ امان الله سنجراڻي سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف فوتين جا لاش گهر پهچائڻ تي شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.