ھمايون شريف(ن پ ا) ھمايون شريف ڀرسان معرفاڻي _ ڀيا تڪرار ھڪ دفعو ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، موٽرسائيڪل علاج لاءِ شڪارپور ويندڙ معصوم نينگري پيءُ سميت قتل، عورت زخمي ٿي پئي، ڳوٺ درويش ڪاڪيپوٽو ۾ ھٿياربندن گوليون ھڻي معرفاڻي برادري جي نوجوان 30 ورھين جي محمد يوسف پٽ الھيار معرفاڻي ۽ سندس جي 7 سالن جي معصوم ڌيءُ زيب کي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو، گوليون لڳڻ سبب حاتم زال الھيار معرفاڻي سخت زخمي ٿي پئي، هٿياربند فرار ٿي ويا، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي هڪ ڪلاڪ تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا، پوليس دير سان پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، مقتولن جي وارثن موجب نوجوان ڌيءُ سميت علاج جي لاءِ شڪارپور وڃي رهيو هو، رستي ۾ هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪيو، مقتول جي امڙ زخمي ٿي پئي آهي، پوليس موجب واقعو ڀيا ۽ معرفاڻي برادري ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، جاچ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.