همايون شريف ( ن پ ا) همايون شريف ۾ شڪارپور – جيڪب آباد قومي شاهراهه روڊ تان هزارن جي تعداد ۾ ايڪسپائر ٿيل لکين رپين جي ماليت جا سرڪاري دوا نيوٽريزن جا سيرپ ڦٽا ڪيا ويا سيرپس مٿان گورنمينٽ آف سنڌ جو اسٽيمپ لڳل آهي، سيرپ جي قيمت 73 رپيا لڳل آهي قومي شاهراهه روڊ تي سون جي تعداد ۾ سيرپ جا ڪارٽون ڏسي علائقي واسي پريشان ٿي ويا علائقي واسين جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ ٽَڪي جي ٽيبليٽ لاءِ ٿاٻاکائيندا رهون ٿا پر ڪوبه دوا ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي، هتي سيرپ رکي رکي ايڪسپائر ڪري ڦٽا ڪيا وڃن ٿا علائقي واسين پاران قومي شاهراهه روڊ تان هٿ ايندڙ لکين رپين جي ماليت جي دوائن جو سنڌ حڪومت کي نوٽيس وٺي انهن خلاف انڪوائري ڪرائي مٿان  قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي