ھمايون شريف(ن پ ا) ھمايون شريف ڀرسان ڪارنھن الزام ھيٺ ماسات ھٿان ماسات نوجوان قتل،جوابدار گرفتار، ڳوٺ عبدالنبي قمبراڻي ۾ جوابدار جاويد پٽ غلام رسول ڀنڊ ڪارنھن الزام ڏئي 24 ورھين جي نوجوان مريد پٽ ميوو ڀنڊ کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ٻي طرف پوليس جو چوڻ هو ته واقعو ڪارنھن الزام تان پيش آيو آهي، قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪيو آهي، مقتول نوجوان رتوديرو جي ڳوٺ وڏا ٻوسڻ جو رھواسي آھي، پنهنجي گھر واري سميت ھتي ڪڻڪ جي لاباري تي آيل ھو. جوابدار ۽ مقتول پاڻ ۾ رشتي ۾ ماسات آهن، ٻي طرف اسپتال مان ايمبولنس نه ملڻ ڪري نوجوان جو لاش جانورن جي گاڏي ڊاٽسن ۾ کڻايو ويو.