هماليه جي اوچن ٻيلن مان غائب ٿيندڙ پکي

0
33
هماليه جي اوچن ٻيلن مان غائب ٿيندڙ پکي

 ڀارت ۾ پکين جي آبادي ۾ لاٿ اچي رهي آهي. وڏي لاٿ جي وچ ۾ هڪ تازي کوجنا مطابق خبر پئي آهي ته اولهه هماليه جي اوچن ٻيلن مان مڪاني پکي به غائب ٿي رهيا آهن. پولينشين جو سبب بنجندڙ ۽ جيت خور پکي به گھٽجي رهيا آهن. محققن مطابق اتراکنڊ جي هماليائي علائقي ۾ 1700 ۽ 2400 ميٽرن جي اوچائيءَ تي واقع ٻيلن مان ۾ پکين جا واهيرا ختم ٿيڻ ان جو وڏوو سبب آهن. ٻيلن جي واڍي، آلودگي، سياحتي سرگرميون ۽ ناجائز حددخليون پڻ ان سلسلي ۾ اهم مسئلا آهن. مونوڪلچر يعني هڪ ئي وڻ واري ٻيلن ۾ به پکين جي انواع جي تنوع ۾ ڪمي محسوس ڪئي وئي آهي. گلن مان ٻور ۽ ٻوٽن جا ٻج کڻي هتي هتي اڏامڻ وارا ۽ حياتياتي تنوع ۾ مددگار پکي ۽ ٻني ٻاري ۽ باغن مان جيت جڻيا چڳڻ وارا پکي به گھٽجي رهيا آهن. ريفائنڊ يا جديد ٻيلن ۾ جيت جڻين ۽ فاريسٽ اسپيشلسٽ سڏائڻ وارن پکين جي تعداد ۾ به گھٽتائي اچي رهي آهي.

                 تحقيق ۾ 1700 ۽ 2400 ميٽرن جي اوچائيءَ وارن اٽڪل 1285 چورس ميٽرن جي ايراضي کي شامل ڪيو ويو آهي. هو. تحقيق جي دائري ۾ ڇهن قسمن جي زميني استعمال وارا علائقا شامل هئا. قدرتي شاهھ بلوط ، انحطاط شده ٻيلا (گھٽ استعمال شده)، ڇاڱيل شاھه بلوط جا ٻيلا (گھٽ استعمال شده)، ديال جا ٻيلا، زرعي پوک وارا علائقا ۽ ڪاٺ جي رهائشي ٻيلن جو جائزو ورتو ويو. دهرا دون ۾ واقع سينٽر فار ايڪولوجي ڊيولپمنٽ اينڊ ريسرچ (سيڊار)  ۽حيدرآباد ۾ سينٽر فار ماليڪيولر بائلاجي وارن سائنسدانن ان گڏيل اڀياس ۾ پکين جي پيدائش واري موسم جو به جائزو ورتو آهي. ”سيڊار“ جي سائنسدان ۽ تازي هڪ تحقيقاتي مقالي جي مکيه ليکڪا غزاله شهاب الدين ”دي هندو“ اخبار کي ٻڌايو آهي ته زمين جي استعمال ۾ تبديلي وارن علائقن جي انهن پکين جي تعداد ۾ ڪمي ڏٺي وئي آهي جيڪي گڏيل يا هڪ جهڙين آکيرن ۾ رهن ٿا. ڪي پکي گھاٽن ٻيلن ۾ رهڻ جا عادي هوندا آهن جڏهن ته ڪي ميون وارن باغن، ڪي کرن ۽ ننڍن ٻيلن جي حساب سان پاڻ کي پلٽائي وٺن ٿا. محققن ڏٺو آهي ته رفوس بليڊ، وڊپيڪر، يلونيپ، رفوس سبيا، وائٽ ٿروڊيٽ، لافنگ ٿرش  ۽ بليڪ فيسٽ واربلر جهڙا گھاٽن ٻيلن جا پکي بدليل واهيرن مان غائب آهن. تحقيق ۾ ڪاٺ ڪٽن جي تعداد جو واسطو سمورين پکين جي موجودگي سان ڏٺو ويو. يعني جنهن هنڌ تي جيترا گھڻا ڪاٺ ڪٽا هئا اتي ايترا ئي گھڻا پکي ڏٺا ويا. وڻن تي سوراخ ڪرڻ واري پکين جي ان انوکي ڪرت جو فائدو ٻين پکين کي ملي ٿو جيڪي انهن سوراخن ۾ پنهنجا آکيرا ٺاهين ٿا.

هونئن اها صرف همالياتي خطي ۾ پکين جي تعداد ۾ گھٽتائي جي ڳالهه نه آهي پر پوري هندستان ۾ پکين جي آبادي ۾ تمام گھڻي گھٽتائي آئي آهي. ”اسٽيٽ آف انڊيا‘ز برڊ رپورٽ 2020“ جي مطابق هندستان ۾ 867 پکين جي انواع مان اٽڪل 80 سيڪڙو آبادي پوين پنجن سالن ۾ جي وچ ۾ گھٽ ٿي آهي. گذريل سال فيبروري ۾ جاري ڪيل انهي رپورٽ جي ڊيٽا  سڄي ملڪ جي 15 هزار پکين جي نگرانن جي هڪ ڪروڙ مشاهدن جي مدد سان تيار ڪئي وئي آهي. تيزي سان ختم ٿيڻ وارن 101 انواع جي تحفظ جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. تيزي سان ختم ٿيندڙ انواع ۾ ريپٽر، سرڻ، ڳجھھ، منيويٽ، ڪامن ووڊشرائڪ، شلارز، ڪامن گرينشانڪ، رفوس ٽيلڊ لارڪ، اورينٽل سڪاءِ لارڪ  ۽ ريڊنيڪ فالڪن وغيره شامل آهن.

سائنسدانن مطابق ٻيلن ۾ انساني هلچل سان گڏ ئي علائقي کان ٻاهر به انواع جي آمد ڏسڻ ۾ آئي آهي. جيئن هن اوچائي تي ڪبوتر  ۽ ڪاري سرڻ اچي ويا آهن ڇاڪاڻ ته انهن جا پنهنجا واهيرا خطري ۾ پئجي چڪا آهن. زمين جي استعمال جي بدلجڻ سبب زيرزمين پاڻي جي سطح به گھٽجي رهي آهي قدرتي جھرڻا ۽ نديون وغيره سڪي رهيا آهن ۽ ايڪوسسٽم لاءِ اهم پکي غائب ٿي رهيا آهن. تازو اڀياس قدرتي واهيرن ۾ پکين جي ارتڪاز ۽ موجودگي ۾ 25 کان 75 في سيڪڙو گھٽتائي کي ظاهر ڪري ٿو. ان عمل کي سائسنسي ٻولي ۾ ڊفينيشن يعني پکين ۽ جانورن جي شديد گھٽتائي سڏجي ٿو. ٻيلن ۾ وڌندڙ انساني مداخلت، حددخلين ۽ موسمياتي تبديلين جي سبب ايندڙ انهيءَ کوٽ جا گهرا اثر پولينيشن، حياتي جي واڌ، کاڌي جي شين جي پيداوار ۽ هڪ لحاظ سان سموري ايڪوسسٽم تي  پوندا، جنهن ۾ گلن تي لامارا ڏيندڙ ماکي جي مک کان ويندي هڪ پوپٽ تائين هماليه جي اوچي ماٿرين ۾ اوچن وڻن جي ٽارين تي ڳائيندڙ هڪ پکي تائين جي بنيادي اهميت آهي. جيتوڻيڪ پکين جي ڳڻپ ۽ گھٽتائي بابت تحقيق ۽ رپورٽون موجود آهن پر اهڙي جامع ۽ تحقيق شده رپورٽ جو سامھون اچڻ به ضروري آهي جنهن مان اها خبر پئي سگھي ته هندستان جي مختلف جاگرافيائي علائقن جي پکين جي رهڻ سهڻ، اڏام پيدائشي وهنوار وغيره ۾ ڪهڙي قسم جي تبديلي آئي آهي يا ڪانھي آئي. زمين جي استعمال ۾ تبديلي جون سڀ کان وڌيڪ سرگرميون وچولي هماليائي علائقي ۾ نظر اچن ٿيون. ۽ ان لاڙي ۾ اڃا به شدت اچڻ جو خدشو آهي. ظاهر آهي ته ان ۾ تعميراتي سرگرميون به شامل آهن. ڊيمن جي اڏاوت، سياحتي اسڪيمون، رستن جي توسيع عمارتن ۽ رهائشي علائقي جي تعمير وغيره سان قدرتي ماحولي کي برباد ڪيو پيو وڃي. انهن علائقن ۾ وڻن کي به خطرا آهن، جنهن جو هڪ خوفناڪ نمونو ماحولياتي ماهرن مطابق چارڌام واري روڊ جي منصوبي ۾ وڏي پيماني تي وڍيل وڻن ۽ ٻيلن کي برابر ڪرڻ جي صورت ۾ ڏٺو ويو آهي. پر سڀ کان اهم ته اهو صرف اتراکنڊ جي ٻيلن ۽ پهاڙن جي ڳالهه نه آهي حياتياتي واڌ سان مالامال ملڪ جي مختلف حصن کي اڄ اهڙا خطرا آڏو آهن. ۽ سائنسدان ۽ ماهر انڌي ترقي جي خلاف مسلسل خبردار ڪري رهيا آهن. سائنسدان هماليه جي علائقي ۾ وڏي انداز ۾ ٻيلن جي نقصان جا به چتاءُ ڏئي رهيا آهن. هڪ رپورٽ مطابق جيڪڏهن ٻيلا انهي ريت ختم ٿيندا رهيا ته پوءِ 2100ع تائين ڀارتي هماليه ۾ صرف 10  سيڪڙو کان ڪجهه وڌيڪ ٻيلا ئي باقي رهجي ويندا ان صورتحال ۾ مقامي ٻوٽن ۽ جانورن جو 25  سيڪڙو حصو تباھه ٿي سگھي ٿو.