اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما سان ورلڊ بينڪ جي وفد ملاقات ڪئي. وفاقي وزير چيو ته گذريل ڏينهن ورلڊ بئنڪ جي ٽئين وڏي وفد جي آمد خوش آئند آهي، سرڪاري ادارن جي مرحليوار نجڪاري ڪئي ويندي. هلندڙ سال پهرين مرحلي ۾ 10 کان وڌيڪ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو هدف آهي. وفاقي وزير چيو ته پهرين مرحلي ۾ بجلي جي تقسيم ڪار ڪمپنين جي نجڪاري ڪئي ويندي، پي آءِ اي ۽ ٻين ادارن جي نجڪاري ايندڙ مرحلي ۾ ٿيندي، ايندڙ 3 کان 4 سالن ۾ 50 سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو منصوبو آهي. عالمي بئنڪ جي سهڪار سان پاور سيڪٽر جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. عالمي بئنڪ سان ملڪي پارٽنرشپ فريم ورڪ تي عملدرآمد کي يقيني بڻائينداسين. ڊجيٽل معيشت جي فروغ لاءِ تحقيق ۽ ماڊلز جو جائزو ورتو پيو وڃي. آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ نوجوانن ۽ عورتن لاءِ تربيتي پروگرام جاري آهن.