ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ھلندڙ مالي سال دوران وڏي تعداد ۾ اي وي ۽ ھائبرڊ بسون آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه مھينن دوران ڊبل ڊيڪر بسن سان گڏ ٻيون بسون به روڊن تي اچي وينديون، ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي نظام کي مڪمل طور تي اي وي بسن تي منتقل ڪرڻ وڃي رھيا آھيون. ھن چيو ته سنڌ حڪومت پاڪستان ۾ پھرئين ڀيري اي وي بسن کانپوءِ ھاڻي پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ڊبل ڊيڪر بسون متعارف ڪرائڻ وڃي رھي آھي. ان حوالي سان ڪالهه سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اھم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين پاران شرڪت ڪئي وئي. اجلاس ۾ ريڊ لائن ۽ يلو لائن بي آر ٽي جي جاري تعميري ڪم جي ھاڻوڪي صورتحال ۽ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. لاڳاپيل اختيارين اجلاس کي ٻڌايو ته ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبو پنھنجي مقرر شيڊول موجب جاري آھي، يلو لائن رٿا جي مختلف پيڪيجز تي بھ تعميري سرگرميون تيز ڪيون ويون آھن. اجلاس دوران شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن ۽ يلو لائن بي آر ٽي ڪراچي جي شھرين جي لاءِ ھڪ انقلابي تبديلي ثابت ٿيندي.