اسلام آباد(بيورورپورٽ) عالمي بينڪ ايندڙ مالي سال ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. پاڪستان ڊيولپمينٽ آئوٽ لڪ جاري ڪندي عالمي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان جي جي ڊي پي ايندڙ ٽن سالن ۾ 3 سيڪڙو کان گهٽ رهندي. هلندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 108 سيڪڙو، ايندڙ سال 2025 ۾ 203 سيڪڙو ۽ 2026ع ۾ 2.7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ زرعي ترقي جي شرح 3 سيڪڙو ايندڙ سال 2.2 سيڪڙو ۽ 2026 ۾ 2.7 سرڪڙو رهڻ جي اميدو آهي. رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال ۾ مهانگائي جي شرح 26 سيڪڙو 2025ع ۾ 15 سيڪڙو ۽ 2026ٿ ۾ 11.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. عالمي بينڪ جو چوڻ آهر ته هلندڙ مالي سال ۾ صنعتي ترقي جي شرح 1.8 سيڪڙو 2025ع ۾ 2.2 ۽ 2026 ۾ 2.4 سرڪڙو رهڻ جي اميد آهي. رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال ۾ مالي خسارو جي ڊي پي جو 8 سيڪڙو، 2025ع ۾ 7.4 ۽ 2026ع ۾ 6.6 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي.