فيصل آباد(م ڊ) فيصل آباد جي واپارين ۽ صنعتڪارن چيو آهي ته سنڌ ۾ احتجاج سبب هزارين ڪنٽينرز سنڌ پنجاب سرحد تي رڪيل آهن، وزيراعظم روڊ کولرائي، پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته تيل ختم ٿي رهيو آهي، درآمدي ڪنٽينرز ناهن اچي رهيا، آرڊرز ڪينسل ٿي رهيا آهن، صورتحال اها آهي ته اسان وٽ مزدورن کي اجرت ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، هنن وزيراعظم شهباز شريف ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪندي چيو ته  صورتحال جو نوٽيس وٺي.