اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ھزارين جعلي پاڪستاني پاسپورٽس تي افغانين طرفان سعودي عرب سفر ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ذريعن موجب سعودي عرب ۾ ھزارين جعلي ۽ شڪي پاڪستاني پاسپورٽس جي پڪڙجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، سعودي اختيارين پاڪستاني اختيارين کي 12 ھزار پاسپورٽس جي لسٽ فراھم ڪئي وئي آھي، جن مان 3 ھزار پاسپورٽس جي مڪمل جاچ پڙتال ڪرڻ کانپوءِ اھڙو انڪشاف سامھون آيو. ذريعن مطابق جاچ پڙتال دوران ڪيترائي پاسپورٽ جعلي ۽ ٽيمپرنگ ٿيڻ جي نشاندھي ٿي آھي، پاسپورٽس جي تصويرن ۽ تفصيل ۾ تبديلي ڪرڻ جي به تصديق ٿي آھي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آھي ته اڪثر پاسپورٽس افغانستان جي رھواسين فراڊ ذريعي حاصل ڪيا آھن، جعلي پاسپورٽس جي تياري ۾ منظم ۽ ماھر گروھه جي ملوث ھجڻ جو شڪ ظاھر ڪيو ويو آھي. حڪومتي اختيارين اِن معامري جي جاچ شروع ڪري ڏني آھي ته پاڪستاني ايئرپورٽس مان جعلي پاسپورٽس تي سعودي عرب سفر ڪيئن ممڪن آھي، پاڪستاني ايئرپورٽس تي اميگريشن ڪنٽرول نظام تي شڪ ۽ خدشا آھن. ذريعن مطابق وفاقي پرڏيهي وزارت طرفان لاڳاپيل اختيارين کي جاچ لاءِ خط لکي ذميوارن خلاف سخت ڪاروائي جي ھدايت ڪئي آھي.