نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ سڄي دنيا ۾ سماجي تنظيمن جو کليل خط جاري ڪيو ويو آهي. جنهن موجب دنيا ۾ هر چئن سيڪنڊن ۾ هڪ شخص بُک جي ڪري مري ٿو. سماجي تنظيمن چيو ته دنيا ۾ روز 19700 ماڻهو بُک سبب مري رهيا آهن، دنيا ۾ 24 ڪروڙ 50 لک ماڻهو بُک واري صورتحال سان منهن ڏئي رهيا آهن. اين جي اوز موجب بُک جو وڌندڙ عالمي بحران ختم ڪرڻ جي لاءِ فيصلائتا عالمي قدم کنيا ويندا. بُک واري ماڻهن جو انگ 2019ع جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ٿي ويو آهي. اين جي اوز چيو ته عالمي اڳواڻن جي 21 هين صدي ۾ ٻيهر ڏڪار نه اچڻ وارا واعدا پورا نه ٿيا. صوماليا سميت 45 ملڪن جا پنج ڪروڙ ماڻهو خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اين جي اوز پاران چيو ويو آهي ته کاڌي جي کوٽ روڪڻ جي لاءِ ڊگهي عرصي تائين فوري طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.