ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته هر ٻار کي محفوظ، ذميوار ۽ دوستاڻي ماحول ۾ پريشاني، بک، ڊپ ۽ جبر کان پاڪ اڳيان وڌڻ، سکڻ، کيڏڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو حق حاصل آهي. ڪالهه اسڪول ايجوڪيشن کاتي پاران يونيسيف جي سهڪار سان ٻارڙن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان مقامي هوٽل ۾ ڪرايل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻارن جي عالمي ڏهاڙي کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ تفريح جيان ملهائڻ گهرجي، ان سان گڏ ٻارن کي حقن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ انهن کي درپيش وڏن چيلنجن تي بحث ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪرڻ گهرجي. هن  چيو ته منهنجي حڪومت اڄ عهد  ڪري ٿي ته هر ٻار کي پريشاني، بک، خوف ۽ جبر کان پاڪ حق ملڻ گهرجن. وڏي وزير چيو ته ٻار ڪنهن به قوم جو سڀ کان قيمتي اثاثو ۽ ان جي مستقبل جو واحد ضامن هوندا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ته ٻارن کي گڏيل قومن جي ٻارن جي حقن واري ڪنوينشن تحت حق ڏنا وڃن، خاص ڪري پيدائشي رجسٽريشن، تعليم تائين رسائي، غذائيت ۽ صحت جي سار سنڀال، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ صفائي سٿرائي، عزت، تحفظ ۽ ٻيا سڀ حق حاصل هجن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻارن سان ڏاڍ ، جنس، مذهب ۽ نسل جي بنياد تي تعصب جي خاتمي لاءِ ڪيترائي ادارتي ۽ قانوني قدم کنيا آهن. تعليم واري نگران صوبائي وزير رعنا حسين چيو ته عورتون ٻارن جي پرورش ۽ انهن جي مستقبل کي سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن. صوبائي سيڪريٽري ڊاڪٽر شيرين ناريجو چيو ته هر ٻار کي معياري تعليم جي فراهمي لاءِ سنڌ 2014ع ۾ پهريون  ۽ 2019ع ۾ نئون تعليمي پلان ٺاهيو.