اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني جي گهر واري بشريٰ بي بيءَ ۽ جج ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي. بشريٰ بي بيءَ جون 26 نومبر احتجاج جي 13 ڪيسن ۾ عبوري ضمانتون منظور ڪيون ويون، اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 5-5 هزار رپين جي مچلڪن عيوض 7 فيبروري تائين عبوري ضمانتون منظور ڪري ڇڏيون، فائل تيار ڪري نه اچڻ تي جج پاران بشريٰ بي بي جي وڪيل خالد يوسف چوڌري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، جج رمارڪس ڏيندي چيو ته چاهيو ٿا ته هر هنڌ وي آءِ پي پروٽوڪول ملي، ايئن نه ٿيندو، يقين ڪرڻ سکو، عدالت تي ڀروسو ڪريو، جنهن تي بشريٰ بي بي جج کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان جو عدالتن تان اعتماد کڄي ويو آهي، پي ٽي آءِ باني ۽ مون سان جيڪو ڪجهه ٿيو، ان کان پوءِ قانون تان ڀروسو ختم ٿي ويو، جج طاهر عباس سپرا چيو ته جيڪڏهن توهان ڀروسو ڪندا ته ماڻهو به توهان تي ڀروسو ڪندا،جسٽس سسٽم جيڪو به هلي پيو، جيڪڏهن اهو ختم ٿي ويو ته سماج به ختم ٿي ويندو، جنهن تي بشريٰ بي بي چيو ته ٽرائل دوران ججز کي بيمار ٿيندي ۽ ڏڪندي به ڏٺو آهي،هڪ جج جو بلڊ پريشر 200 ٿي ويو پر هن کي اسان جي خلاف سزا ٻڌائڻي هئي، ملڪ ۾ قانون آهي پر انصاف ناهي، پي ٽي آءِ باني آئين جي بالاستي لاءِ قيد آهي، جج طاهر عباس سپرا بشريٰ بي بي کي چيو ته اوهان ڇا به چئو پر اسان سڀني کي ملڪ جي ڀلائي لاءِ گڏجي هلڻو آهي، عدالت پوليس کي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.