قومن جي تاريخ ۾ جيڪي به قدرت طرفان تحفا يا حالتن ۽ وقت جي هٿان پيدا ٿيل ليڊرشپ ۾ سڀ کان وڏي سڃاڻپ اها آهي ته ان جو ان قوم تي اثر ڪيترو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ اسان نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان پر کوڙ قومن جي تاريخ تي نظر وجھنداسين ته تمام ٿورڙا، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهڙا ليڊر هوندا، جن جو قوم جي سمورن طبقن، سمورن شعبن تي اڻ مٽ اثر هوندو. انهن ۾ سائين جي ايم سيد سڀني کان اڳيان ۽ مٿانهون نظر اچي ٿو. پاڪستان ٺهڻ ۽ ان کان پوءِ کان ويندي ساههَ جي آخري گھڙيءَ تائين سائين جي ايم سيد جا جيڪي ڪم آهن، انهن سندس ڪٽر مخالفن کي به ان جي مڃتا ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. انهن کي به خبر آهي ته سائين جي ايم سيد ڪيڏو وڏو، نه رڳو سياسي پر علمي ادبي حوالي سان به ڪيڏي وڏي شخصيت هو. سنڌ سموري ۾ سائين جي ايم سيد جي جيڪا مڃتا آهي، اها ڪنهن کان ڳُجھي نه آهي.
ان حوالي سان سنڌ ڪو يتيم صوبو نه آهي. ماضيءَ ۾ به پوليٽيڪل ليڊر شپ ۾ وڏيون شخصيتون وڏا نالا پيدا ٿيندا رهيا آهن، پر سائين جي ايم سيد جو وجود، جيڪڏهن ڀرپاسي جي سمورين شخصيتن تي ڀيٽيون ته سڀني کان مٿانهون نظر ايندو. سياسي حوالي سان ان جو جيڪو رول هو، ان ۾ شايد هِي دنيا جو واحد ليڊر هجي، جنهن ڪا غلطي ڪئي به آهي تڏهن به ان جو اظهار هن پاڻ پنهنجي لکڻين ۾ ڪتابن ۾ ڪيو آهي ته هي فيصلو منهنجو غلط هو، يا وري هي فيصلو درست هو. يعني خود تنقيد ڪئي. اسان وٽ رواج آهي ته مخالف تي ئي تنقيد ڪجي. تنقيد ته ڇا مخالفت به برداشت نه ڪبي آهي. مثبت تنقيد تي به ماڻهو ناراض ٿيندا آهن. پنهنجي شخصيت تي پاڻ تنقيد ڪرڻ ۽ پاڻ ئي پنهنجو حساب ڪتاب ڪرڻ، اهو دُنيا جي تمام ٿورڙن ليڊرن ڪيو آهي، انهن سمورن ليڊرن ۾ سائين جي ايم سيد شامل آهي، جن پنهنجن ئي فيصلن تي به نظر ثاني ڪري، انهن تي ڪتاب لکي ايندڙ نسلن آڏو ڇڏي ڏنا.
آئون سمجهان ٿو ته سنڌ اندر هر شعبو، ان ۾ علمي ادبي هجي، ادارن جو قيام هجي، ان جو ترقي پسند ادب هجي، سياسي تحريڪون هجن، پوليٽيڪل موومينٽ جيڪي به هجن، انهن تي نظر وجهون ته سائين جي ايم سيد جو تمام وڏو ۽ بنيادي ڪردار نظر اچي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن لڳندو آهي ته هي جديد سنڌي قوم جي جيڪا بناوٽ يا گھاڙيٽو آهي، اهو به سائين جي ايم سيد جي ڪري ئي آهي.
سنڌ، جيڪا قبيلن ۾ ورهايل ۽ ڇڙوڇڙ ٿيل قوم هئي، جنهن جي ڪنهن ماڻهوءَ کان جيڪڏهن پڇبو هو ته توهان ڪير آهيو ته هو پنهنجي ذات ٻڌائيندو هو ته آئون فلاڻي ذات جو آهيان. منهنجي قوم فلاڻي آهي. ان کي هڪ قوم جي شڪل ڏئي سنڌي قوم جو وجود ٺاهڻ ۽ ان ۾ نه رڳو نيشنل ازم پر خود روشن خيالي شامل ڪرڻ ۽ گھڻين درگاهن ۽ گھڻن پاسن کان قوم کي آجو ڪرڻ جو سرو به جيڪو آهي سو سائين جي ايم سيد جي سر تي سجي ٿو.هر ماڻهو هاڻي اها ڳالهه مڃي ٿو ته سنڌي قوم جو سڀ کان وڏو نالو آهي، عالمي سطح تي جنهن تي اسين ڳالهائي سگھون ٿا، لطيف سائين آهي، ان لطيف کي به مڃرائڻ ۽ لطيف کي قوم تائين پهچائڻ جو ڪم به سائين جي ايم سيد ڪيو. سندس پيغامِ لطيف ڪتاب جيڪو آهي اهو لطيف کي پرکڻ ۽ سمجھڻ جو بنياد هو. ان کان اڳ ماڻهو درگاهه تي ويندا هئا ۽ لطيف کي هڪ پير طور پوڄيو ويندو هو. ماڻهو اتي وڃي پُٽ گھرندا هئا، ميلا ٿيندا هئا پر سائين جي ايم سيد پهريون ليڊر هو جنهن پيغامِ لطيف لکي اهو سبق ڏنو ته لطيف جيڪو آهي، اهو نه رڳو پير آهي پر اهو سنڌ جو روحاني رهبر به آهي. پوءِ لطيف تي شامون ملهائڻ، ان تي ريسرچ ڪرڻ، لطيف کي اڳتي وٺي اچڻ جو جيڪو ڪردار هو، اهو به سائين جي ايم سيد ڏي وڃي ٿو.
اسين چئون ٿا ته جيڪو جديد سنڌ جو علم آهي، ان جا بنياد وجھڻ، ان کي اڳتي وٺي اچڻ ۽ سنڌ اندر هزارين ليکڪ پيدا ڪرڻ، انهن کي ڪتاب لکڻ ۽ پڙهڻ جو جيڪو شعور ڏنو، اهو به سائين جي ايم سيد ڏنو. پاڻ ڏسون ته اسين ته ننڍا هوندا هئاسين پر جيئي سنڌ جي تحريڪ جا جيڪي ڪتاب ان جي جيڪا تاريخ يا سبق پڙهيا آهن، انهن سبقن مان اسان ڏٺو آهي ته سنڌ جا سڀ ماڻهو، سنڌ جا سمورا وڏا جيڪي نالا آهن، انهن سڀني جا شروع وارا ڏينهن، هن رستي تي اچڻ، لکڻ پڙهڻ، سکڻ، ڳالهائڻ جي جيڪا شروعات آهي، اها سنڌ مان سائين جي ايم سيد کان ٿيندي نظر اچي ٿي. يعني هن نه رڳو سنڌ اندر قوم پرستي پيدا ڪئي، پر هن جديد ادب، جديد شاعري، جديد موسيقيءَ جا وجود پڻ وڌا.
سنڌ جي آجپي لاءِ، سنڌ جي ماڻهن جي ڀلي لاءِ، انهن کي هن دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد ۽ خوشحال قوم بڻائڻ لاءِ سائين جي ايم سيد واحد ليڊر هو، جنهن نه رڳو اهي خواب ڏٺا پر انهن جي ساڀيان لاءِ به پاڻ پتوڙيو ۽ عملي جدوجھد ڪئي، جنهن جي ڪري هن زندگيءَ جو وڏو حصو انتهائي تڪليفن، نظربندين، جيلن ۾ گذاريو. تمام گھٽ ليڊر ايڏين وڏين تڪليفن مان گذريا هوندا. سڄي دنيا ۾ اهڙا گھٽ ليڊر ملندا. اسان سنڌ يا پاڪستان يا ننڍي کنڊ جي ڳالهه نٿا ڪريون، سڄي دنيا ۾ قومن جون جيڪي تاريخون آهن انهن ۾ اهڙا ليڊر تمام ٿورا آهن، جن ۾ سائين جي ايم سيد به شامل ٿئي ٿو.ون يونٽ کان وٺي سنڌ اندر جيڪي به تحريڪون هليون، سياسي، نظرياتي ۽ قومپرست تحريڪون، انهن ۾ سائين جي ايم سيد جو جيڪو ڪردار هو، اهو انتهائي اهم رهيو. هر سنڌي ماڻهو اڄ ڏينهن تائين، توڻي جو سندس مخالف به ان ڳالهه کان انڪاري نه ٿيندا، سنڌ جي هن جديد قوم جي اڏاوت ۾ سائين جي ايم سيد هر مورچي تي رهيو. اهو ڪهڙو مورچو هو، جنهن تي سائين جي ايم سيد ڪردار ادا نه ڪيو.
علمي ادبي پاسن، سنڌي ادبي بورڊ جي قيام کان وٺي، سنڌي ادبي سنگت کي پروان چڙهائڻ کان وٺي، سنڌ جي ترقي پسند ادب جي حوصلا افزائي کان وٺي، هر ميدان ۾ هُو نظر اچي ٿو. سنڌ جا جيڪي به مسئلا آهن، اهي طبقاتي هجن، قومي هجن، ٻوليءَ جا، وسيلن جا، قوم جي بچاءُ جا هجن، قوم جي وجود جي بقا جا هجن، اها راهه ۽ رستو سائين جي ايم سيد جو آهي، جنهن تي هلي اهي سڀ شيون بچي سگھن ٿيون، باقي سمورا جيڪي به حل آهن، اهي عارضي آهن، دائمي حل تڏهن ٿيندو جڏهن سائين جو خواب جيڪو آهي اهو ساڀيان ٿيندو. اهو هي آهي ته جڏهن قوم پنهنجي وسيلن جي پاڻ مالڪ هوندي، هن صورتحال ۾ جتي اسين اڄ آهيون، اتي اسان هڪڙي مسئلي جي خلاف ڳالهائي ڳالهائي ماٺ ٿا ڪريون ته وري ٻيو ٿو ٿيو وڃي، ڪڏهن ٻيٽن کي بچائڻ جي حوالي سان تحريڪ هلايون ٿا اتان واندا ٿا ٿيون ته زمينن جي نيلامي شروع ٿيو ٿي وڃي. زمينن جي نيلامي خلاف احتجاج ڪري اڃا بيٺا آهيون ته درياهه تي ڌاڙا شروع ٿي ويا آهن. شهرن تي قبضا وسيلن تي قبضا، تيل، گئس، ڪوئلو، هر شئي سنڌ جي ڪڍي لٽي ڦري پئي وڃي، ان لٽيل ڦريل کي بچائڻ لاءِ اسان سڄي زندگي، سمورا جنم رڳو احتجاج ڪندا رهنداسين ڇا؟ انهن جو ڪو حل هوندو. ان جو حل اهو ئي آهي ته سائين جي راهه تي، سائين جي رستي تي عمل ٿئي ۽ هڪڙو خوبصورت صوبو آجپي وارو هجي، جنهن ۾ اسان سڀ ساهه کڻون ۽ اسان جي قوم پنهنجي وسيلن جي هميشه لاءِ پاڻ مالڪ هئي، ڪو به ٻاهريون لُٽيرو، قابض، حملي آور قبضو ڪندڙ اچي نه سگھي.