چنئي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ هڪ جوڙي گڏيل طور تي هر مهيني ڏيڍ لک رپيا ڪمائيندو آهي پر پوءِ به انهن لاءِ پنهنجو گهر ٺاهڻ خواب بڻجي ويو آهي. چنئي ۾ رهندڙ ان جوڙي جي پاڙيسري جائيداد جي وڌندڙ قيمتن جي حقيقت بيان ڪئي آهي. پوسٽ ۾ مٿوڪرشنن ٻڌايو ته زال ۽ مڙس فزيو ٿراپسٽ آهن ۽ پنهنجي ڪلينڪ ۾ هر 30 منٽن جي سيشن لاءِ 5 سئو رپيا وصول ڪندا آهن جڏهن ته مڙس ان کان علاوه به ڪم ڪندو آهي جڏهن ته گهر واري ٻن ٻارن جي سنڀال سان گڏوگڏ ڪجهه ڪلاڪ ڪلينڪ ۾ به هوندي آهي. مٿو ڪرشنن وضاحت ڪئي ته انهن جي ڪلينڪ، بجلي ۽ پراپرٽي ٽيڪس جي مد ۾ خرچ ٿي ويندو آهي ان سبب سندن مالي ٻوڏ ۾ واڌ ٿي آهي. پوسٽ موجب هر مهيني ڏيڍ لک رپيا ڪمائڻ باوجود اهي پنهنجي سمورن خرچن کي پورو ڪرڻ ۽ بچت باوجود اڃا به پنهنجي گهر جو خواب پورو نه ڪري سگهيا آهن.