ڪراچي: تعليم واري وزير سردار شاھه چيو ته اسان اي ڪامرس جو تصور آڻي رهيا آهيون، 2025ع ۾ نصابي ڪتابن ۾ دنيا جي تبديلين مطابق تبديلي آڻي رهيا آهيون. اڳ ۾ هر ٻن سالن کانپوءِ نصاب تي نظر ثاني (رِويو) ٿيندي هئي، هاڻ هر سال تبديلي جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، ڪالهه سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ڪراچي ۾ 154 ڪاليج آهن، جتي استاد موجود آهن، هن چيو ته ملير ضلعي ۾ شام جا ٽوٽل بوائز 3، گرلز 6 ۽ گڏيل ڪاليج 4 آهن، هائير سيڪندري اسڪولن ۾ ٻار پڙھن پيا، هن چيو ته اسان وٽ مين ڪاليجن ۾ داخلا تي زور هوندو آهي، گنجائش نه هجڻ جي صورت ۾ پاسي واري ڪاليج ۾ داخلا ڏني ويندي آهي. هن چيو ته اسان نئين بجيٽ ۾ نوان ڪاليج شامل ڪنداسين، پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽي جي ڀرتين تي ڳالهائيندي هن چيو ته اسان 65 کان 70 هزار ڀرتي ڪيل استادن جي بدلي ناهي ڪئي، هن چيو ته رياست ۾ تعليم ترجيحي شعبو ناهي رهيو، آئين چوي ٿو ته ٻار مفت پڙهندو، پر پنجاب ۾ ٻار هڪ ڪروڙ، ڪي پي ۾ 20 لک ۽ بلوچستان ۾ 15 لک ڏئي تعليم حاصل ڪن ٿا.