هرکجي اغوا ٿيل پيرڳوٺ واسي 2 نوجوان بازياب

0
100

ڪنڌڪوٽ ويجهو ڏيڍ مهينو اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل پيرڳوٺ واسي 2 نوجوان بازياب ٿي ويا آهن

 ڪنڌڪوٽ پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان زبير ۽ واجد بڙدي کي رات دير سان ڏوهارين سان مقابلي دوران بازياب ڪرايو ويو

علائقي ۾ ٻنهي نوجوانن جي بازيابي 17 لک روپين جي ڀنگ عيوض ٿيڻ جا چوٻول آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن ٻنهي نوجوانن کي عورتاڻي آواز ۾ فون ڪال ڪري شادي ڪرڻ جو ڏٽو ڏئي ڪچي ۾ گهرايو

ٻنهي مغوين کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو پئي ويو ته پوليس ڪارروائي ڪئي، ڪامياب آپريشن جي نتيجي ۾ ٻئي مغوي بازياب ٿي ويا، ڌاڙيل ڪچي ڏانهن فرار ٿي ويا