هريش ڊي لهاڻو: مٺي جو منفرد آرٽسٽ، استاد ۽ شاعر

0
101
هريش ڊي لهاڻو: مٺي جو منفرد آرٽسٽ، استاد ۽ شاعر

مٺي بهار رت ۾ ڪيئن مهڪندي آهي؟ ڀٽ ڀٽ ڳاڙهي گلاب جيان ڪيئن لڳندي آهي؟ ٿر جي ٿڌي چانڊوڪي ۽ تارن جي جڳمڳ رهاڻ روح ۾ ڪيئن لهندي آهي؟ پرهه جا پياڪ صحرا ۾ سرڪيون ڪيئن ڀريندا آهن؟ انهن سمورن سوالن جا جواب شاعريءَ جي هڪڙي سٽ ۾ ڏيڻ وارو مٺيءَ جو سهڻو ڪوي، بهترين مصور، ناٽڪ نويس ۽ استاد هريش ڊي لهاڻو بھار رت کي اڌ ۾ ڇڏي مارچ جي مھيني ۾  هن دنيا کي الوداع ڪري ويو.

                 سائين هريش پنهنجي مزاج ۾ سراپا محبت هو، مشڪ هو، عشق هو، پيار جي پيچري تي هلندي الهڙ جواني ۾ هن جي اندر ۾ نينهن جي اهڙي اٿل آئي هئي، جنهن خوابن جا سار ڪنارا ٻوڙي ڇڏيا هئا. عشق جي آئيني ۾ هن جون اکڙيون چمڪنديون هيون، پر چتائي نهاربو هو ته پنبڻين پويان اداسي لڪل هوندي هئي. پيار جي آرزو ۾ جيئندي هو رڳو پيئندو هو ۽ مدهوشي جي عالم ۾ شعر چوندو هو؛

هلندي ٿا هن جا پير ٿڙن،

شايد پهريون ڀيرو آهي.

هن جا شعر گلاب جي گل وانگر هن جي من کي مهڪائي ٽڙندا هئا، پوءِ پنکڙي پنکڙي ٿي وکري ويندا هئا. هن ڪو به شعر سنڀالي نه رکيو. جڏهن به ڪو شاعر دوست ملندو هو ته پوءِ چوندو هو ته سٽ ٻڌاءِ، شعر ٿا پورو ڪريون. دوست پاران سٽ ٻڌائڻ تي هن سان گڏ شعر مڪمل ڪندو هو، پوءِ چوندو هو ته اهو شعر تنهنجو، هن شعر جا سمورا حق ۽ واسطا تو وٽ محفوظ. ائين هن دوستن سان گڏجي به شعر چيا. سائين هريش کي شاعري جي بحر وزن ۽ ماترائن تي وڏي دسترس هوندي هئي. هو شاعري ۾ تخيل جي اڏام سان گڏ فن کي اوليت ڏيندو هو.

سائين هريش ڪمار بهترين مصور هو. هو نوجواني جي نبور عشق دوران برش ۽ رنگ کڻي ڪنهن جي تصوير ٺاهڻ ويهندو هو ته ڪمال جي تصوير ٺاهيندو هو پر ڀر سان وڏي آواز سان گيت پيو هلندو هو ته،

تصوير بناتا هون تصوير نهين بنتي

سائين هريش ڪمار پنهنجي عزيز قيمت راءِ  مکي سان گڏجي آڊيو وڊيو ڪيسٽن ۽ موويز جو دڪان به کوليو. مٺي جا نوجوان هن وٽان بهترين ڪلاسيڪل توڙي جديد فلمن جون ڪيسٽون کڻي وي سي آر تي وڃي ڏسندا هئا. هن دڪان تي ويهي هريش ڪمار اسٽيج ڊرامن ۽ خاڪن جي لاءِ ڊريسنگ تيار ڪندو هو.

پياري دليپ ڪوٺاري، کاٽائو مکي، هيمن داس، رميش ڪمار ۽ ٻين 1985ع ۾ باشعور ٻارن جو فورم ٺاهيو هو، انهيءَ فورم پاران هڪ اسٽيج ڊرامو دوستي پيش ڪيو ويو، جنهن جو هريش ڪمار نه رڳو اسڪرپٽ لکيو پر هڪ هدايت ڪار جي حيثيت ۾ مڪمل رهنمائي ڪئي. هڪ ٻي اسٽيج ڊرامي پيار جي ديوي جو اسڪرپٽ سائين هريش ڪمار پنهنجي دوست شنڪر ساگر سان گڏجي لکيو.

هريش ڪمار جو والد صاحب ديال داس مٺي جو هڪڙو منفرد ڪردار هو. روينيو آفيس ۾ ڪلرڪ هو، جتان ترقي ڪري اڳتي وڌي سگهيو هو، اهو مون کي معلوم نه آهي پر منهنجين اکين هن کي سدائين ٺهيل ٺڪيل ڏٺو ۽ منهجي ڪنن روينيو رڪارڊ ۽ لکپڙهه جي ماهر طور ٻڌو. ديالداس جو تڪيو ڪلام هوندو هو ته ‘اچو چڱا مڙس’. جڏهن به ڪم ڪار سانگي مٺي جي اي سي آفيس وڃڻ ٿيندو هو ته ديالداس پيار ۽ پنهنجائپ ڏئي پنهنجي ڪرسي وٽ ويهاري، چانهه جو ڪوپ  پياري، زماني سازي جي بدران ٻه چار ٿر جي تاريخ بابت ڳالهڙيون ٻڌائي، ڪم ڪرائي ڏيندو هو. ديال داس هوندي ڪنهن به ڳوٺاڻي کي به ڪڏهن ڪرسي تي آڪڙي ويٺل ڪاموري سان ملڻ جي ضرورت نه پئي.

سائين هريش کي سندس چاچي نامياري وڪيل آتمارام گود ورتو هو. هريش ڪمار کي آتمارام ڏاڍو ڀائيندو هو. جنهن وقت آتمارام ميرپورخاص ۾ رهندو هو، ان وقت هريش ميرپورخاص مان دوستن لاءِ مختلف تحفا وٺي ايندو هو سائين هريش جي ويجهن دوستن ۾ ناميارو شاعر پروفيسر سائينداد ساند، شنڪر ساگر، گل گوماڻي، ڪرشن شرما، ڊاڪٽر کاٽائو مکي، ڀڳوان داس، صادق فقير ۽ ٻيا شامل هوندا هئا. سائين هريش جي اوطاق جو در دوستن جي لاءِ سدائين کليل هوندو هو. هو دوستن کي گڏ ڪري رهاڻيون رچائيندو هو. جيڪڏهن ڪي دوست پاڻ ۾ ڪاوڙجندا هئا ته انهن کي پرچائڻ جي ذميواري سائين هريش جي هوندي هئي. مکي لکميچند جي پوٽي مکي جيٺانند جي پٽ ڊاڪٽر کاٽائو مکي جي تعليم توڙي تربيت ۾ هريش ڪمار جو وڏو هٿ رهيو. هريش ڪمار ڊاڪٽر کاٽائو کي ڏاڍو ڀائيندو هو. سائينداد ساند هريش ڪمار جي وڏي عزت ڪندو هو. جڏهن سائينداد ساند  ۽ هريش ڪمار جي رهاڻ مچندي هئي، تڏهن معلوم ٿيندو هو ته ٻن تخليقارن جي مجلس جا موتي ائين جرڪندا آهن.

سائين هريش ڪمار گهر هڪڙو سهڻو هندورو ٺهرائي رکيو هو، جنهن ۾ لڏندي مخمور نيڻن سان ڪتاب پڙهندو هو ۽ شاعري ٻڌائيندو هو. اڪير جي اتر واءُ ۾ هن جي شاعري قرب جي ڪينجهر بڻجي پوندي هئي. ڏات ڌڻي مڃتا فورم جي پليٽ فارم تان دليپ ڪوٺاري جڏهن شيخ اياز جي شاعري ۾ ٿر بابت پروگرام ڪرايو، تڏهن انهيءَ پروگرام ۾ سائين هريش ڪمار نوري ڄام تماچي جي داستان جي پس منظر ۾ پنهنجو هڪ نظم پيش ڪيو ته ٻڌندي تاج جويي ۽ ٻين بي اختياري اٿي بيهي داد ڏنو هو. سائين هريش ڪمار نئين نسل کي سدائين اتساهيندو هو. منهنجو ڪو ليک ڪنهن ڪتاب يا اخبار وغيره ۾ پڙهندو هو ته فون ڪري داد ڏيندو هو. سائين شنڪر ساگر جي ڪتاب سوچون ساگر سپنا ساحل ۾ منهنجي لکيل مهاڳ تي هن کي ڏاڍي خوشي ٿي. وڏي اڪير مان مون کي گهر دعوت تي سڏيو، سائين شنڪر ساگر، سائين اياز رضوي، گل گوماڻي ۽ ٻيا دوست شامل ٿيا، بهترين ۽ يادگار ڪچهري ٿي.

هاءِ اسڪول مٺي ۾ پڙهڻ دوران سائين شنڪر ساگر ۽ سائين هريش منهنجا استاد رهيا، ٻئي مانوارا استاد پڙهندڙ شاگرد کي نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين ۾ سدائين اتساهيندا هئا. سائين هريش ڏينهن ڏهاڙن تي تقريرون ۽ ننڍڙا ناٽڪ لکي ڏيندو هو. ان وقت سائين هريش جو هڪ غزل صادق فقير جي آواز ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو هو. صادق فقير اهو غزل مٺي ۾ هڪ اسٽيج ڊرامي ۾ ڳايو هو يا پپو ڪوٽڪ وارن ڪا  مقامي سطح تي صادق فقير جي ڪيسٽ رڪارڊ ڪئي هئي؛

هڏڪي ياد ڏياري ويٺي،

هن غزل جو تذڪرو ٿيڻ تي سائين هريش جون اکيون ڀرجي اينديون هيون. ڪچهري اڌ ۾ ڇڏي هليو ويندو هو. ڪنهن سوچيو هو ته سائين هريش اسان کان وقت کان اڳ ۾ هليو ويندو. سائين هريش کي ساري اکيون ڀرجي آيون آهن.