ممبئي ( شوبز نيوز) پاڪستان مخالف ٺهيل بالي وڊ جي فلم کي باڪس آفيس تي وڏو نقصان، خبر موجب سپر اسٽار هريتڪ روشن جي دپيڪا پڊوڪون جي فلم فائيٽر تي باڪس آفيس تي وڏو ڌڪ رسيو آهي،سمورن نار ملڪن ۾ پابندي سبب فلم باڪس آفيس تي ايترو اثر انداز نه ڪري سگهي، جڏهن ته گڏيل عرب امارتن به فلم جي نئين ورجن جي نمائش ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، انڊين ميڊيا موجب فلم يو اي اي ۾ به رليز نه ٿيندي جنهن سبب 2 ملين ڊالرز جو نقصان ٿيندو، سپر اسٽار هريتڪ روشن جي فلم باڪس آفيس تي وڌيڪ ڏينهن پنهنجي حڪمراني قائم نه ڪري سگهي،ڀارتي ميڊيا 5 ڏينهن کانپوءِ فلم کي فلاپ قرار ڏئي ڇڏيو، فلم رليز جو چار ڏينهن ۾ 200 ڪروڙ جي ڪمائي ڪئي پر پنجين ڏينهن فلم جي بزنس ۾ 70 کان 80 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي،جنهن کانپوءِ فلم کي فلاپ قرار ڏنو ويو،