شهدادڪوٽ/هرنائي(رپورٽ: امير علي مڱڻهار+م ڊ) بلوچستان جي علائقي هرنائي ڀرسان شاهرڳ ڪول مائنز ايريا ٽاڪري ۾گاڏيءَ ويجهو ڌماڪو ٿي پيو، جنهن سبب 11 ڄڻا مارجي ويا، 6 زخمي، ڊپٽي ڪمشنر موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ گاڏي اندر سوار 9 ڄڻا ٿڏي ئي مارجي ويا ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻن زخمين اسپتال ۾ دم ڏنو، گاڏي ۾سوار ماڻهن کي ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم لاءِ نيو پئي ويو ته ڌماڪو ٿيو، لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪيا ويا، بلوچستان حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي، شروعاتي جاچ موجب روڊ ڪناري ڌماڪيدار مواد نصب ٿيل هو، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڌماڪي جي مذمت ڪندي جاني نقصان تي افسوس جو اظهارڪيو ويو.