ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي دهشتگردن خلاف آپريشن دوران گاڏي تي بم حملو ڪيو ويو، ميجر ۽ حوالدار شهيد ٿي ويا، جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد به مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب هرنائي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو. سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جيڪي بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو جوڙي رهيا هئا. آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ميجر محمد حسيب جي قيادت ۾ سڪيورٽي فورسز کي فوري طور تي موڪليو ويو. دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي موثر طريقي سان نشانو بڻايو. آپريشن دوران فورسز جي گاڏي ويجهو بم ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 28 سالن جو ميجر محمد حسيب ۽ 38 سالن جو حوالدار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن استحڪام خلاف ڪوششون ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر جوانن جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.