ڪراچي(م ڊ) دنيا جو سڀ کان اهم سامونڊي رستو آبناءِ هرمز اومان ۽ ايراني نار جي وچ ۾ واقع آهي جنهن جي اترين سامونڊي ڪنارن تي ايران ۽ ڏاکڻن تي عرب امارات ۽ اومان واقع آهن.هي سامونڊي رستو 20 ميل ويڪرو آهي جتان دنيا جو 75 سيڪڙو کان وڌيڪ سامونڊي سفر ٿيندو آهي. خاص طور تي تيل جا بحري جهاز هتان ئي گذرندا آهن. رستو بند ٿيڻ سان دنيا ۾ واپار ۽ تيل جو ڪاروبار متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي. دنيا جو 20سيڪڙو تيل ۽ 30سيڪڙو گيس جو واپار انهي رستي سان ٿيندو آهي، روزانو 90 ۽ سال ۾ 33 هزار بحري جهاز گذرندا آهن، 33 ڪلوميٽر ويڪري ان سامونڊي پٽي ۾ ٻه شپنگ لائنز وڃن ٿيون، جتان وڏا آئل ٽينڪر گذرندا آهن، دنيا جو پنجون حصو عالمي تيل اتان گذرندو آهي، انهي رستي سان سعودي، يو اي اي، ڪويت، ايران جا روز 21 ملين بيرل تيل ٻين ملڪن ڏانهن ويندو آهي، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ايل اين جي برآمد ڪندڙ ملڪ قطر به انهي رستي تي ڀاڙي ٿو، چين به انهي رستي کان تيل گهرائيندو آهي، جاپان اتان 95سيڪڙو  ۽ ڏکڻ ڪوريا 71سيڪڙو تيل انهي رستي برآمد ڪندو آهي، ٽئي نار وارا ملڪ انهي رستي سان گاڏيون ۽ اليڪٽرانڪ سامان به پهچائيندا آهن. دفاعي ماهرن موجب آبناءِ هرمز ايران لاءِ صرف هڪ چوڪ پوائنٽ ناهي پر دنيا جي لائف لائن آهي.