لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ناري طرفان مشهور خانگي هوٽل مينيجر مٿان دوستي نه رکڻ، هراسان ڪري کيس ملازمت مان فارغ ڪرڻ جي لڳايل الزامن وارو معاملو، الزام هيٺ آيل مينيجر ميڙ وٺي ناري وٽ پهتو، ناري ۽ سندس وارث ٺاهه لاءِ راضي ٿي ويا، تفصيل موجب شهر جي نظر محلا واسڻ ناري ثمينا مشوري طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ شهر جي مشهور خانگي هوٽل جي مئنيجر فياض ميمڻ مٿان دوستي رکڻ لاءِ هراسان ڪرڻ ۽ ملازمت مان فارغ ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا هئا، ڪالهه الزام هيٺ آيل مينيجر فياض ميمڻ ميڙ منٿ قافلو ساڻ ڪري نظر محلا ۾ ناري جي گهر پهتو، جتي هن ناري جي پيءُ محمد حسن مشوري ۽ برادري جي ٻين ماڻهن سان ملاقات ڪري معاملي تي معافي وٺندي وارثن کي معاف ڪرڻ جي گذارش ڪئي، ناري جي وارثن ٺاهه تي راضپو ڏيکاري مئنيجر کي معاف ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ناري ثمينا مشوري ٻڌايو ته پنهنجي برادري جي معززن جي چوڻ تي ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏنو ۽ هوٽل مئنيجر کي معاف ڪيو آهي، ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل مشهور خانگي هوٽل جي مئنيجر فياض ميمڻ ٻڌايو ته ثمينا مشوري جي برادري جي معززن جي معرفت مسئلو حل ٿي ويو آهي، جنهن ڪري وڌيڪ ان معاملي تي ڳالهائڻ نٿو چاهيان، ٻئي پاسي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته لاڙڪاڻي ڀرسان مشهور درگاهه جي سجادهه نشين جي مداخلت تي ناري ثمينا مشوري جي وارثن مئنيجر کي معاف ڪيو، واضع رهي ته ناري عدالت ۾ فياض ميمڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن جي ٻڌڻي پڻ ڪالهه ٿيڻي هئي پر ان کان اڳ ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو.