حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هراسمينٽ جي الزام تحت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي هڪ سينيئر پروڊيوسر جو عهدو گهٽائي کيس پروڊيوسر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مٿس هڪ لک رپيا ڏنڊ به مڙهيو ويو آهي. ڏنڊ جي رقم هراسمينٽ جو شڪار بڻجندڙ خاتون ڪمپيئر کي ادا ڪئي ويندي. مليل معلومات مطابق پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن هيڊڪوارٽر اسلام آباد جي ڪنٽرولر ليگل ان حوالي سان هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مقرر سينيئر پروڊيوسر بهادر علي مهر جو عهدو سينيئر پروڊيوسر مان گهٽائي سندس عهدو پروڊيوسر تائين محدود  ڪري ڇڏيو آهي.  بهادر علي مهر خلاف لاڙڪاڻي ريڊيو جي هڪ فيميل آرٽسٽ مسز روشن سوڍڙ شڪايت ڪئي هئي ته کيس ان وقت جي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي مقرر پروڊيوسر بهادر علي مهر هراسمينٽ جو شڪار بڻايو آهي. اهڙي شڪايت تي پي بي سي هيڊڪوارٽر اسلام آباد جي اختيارين اينٽي هراسمينٽ ڪميٽي کي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. جاچ ۾ الزام ثابت ٿيڻ تي سينيئر پروڊيوسر جو عهدو 5 سالن لاءِ گهٽايو ويو آهي جڏهن ته کيس هڪ لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. ڏنڊ جي اها رقم حراسمينٽ جو شڪار ٿيل خاتون ڪمپيئر کي ادا ڪئي ويندي.