انسان آدجڳاد کان وٺي اڄ تائين پنهنجي بقا، مفاد ۽ خوشيءَ خاطر ڪوشش ڪندو پيو اچي. سندس اهو سفر ماضي، حال ۽ مستقبل تائين محيط آهي ۽ ارتقا پذير آهي. هر دور ۾ سندس سفر گھڻو تڻو اجتماعيت-پسند رهيو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي انفراديت-پسندي جا وقتي وهڪرا سندس راه جا راه جا پٿر ۽ رڪاوٽون پڻ رهيا آهن.
يووال نوح هراري پنهنجن ٽن ڪتابن ۾ (سيپينس؛ 21هين صدي لاءِ 21 سبق؛ هومو-ڊيئس) ۾ ٻڌائي ٿو ته … پٿر واري دور ۾ اجتماعيت خانداني ۽ قبيلائي تنگ دائرن تائين محدود رهي، ڇو ته ٻولي، سماجي رابطن جو طاقتور اوزار، اڃان جڙي راس نه ٿي هئي ۽ انساني بقا فقط انفرادي ۽ ذاتي جسماني طاقت ۽ تجربي تي منحصر هئي.ٻوليءَ جي ايجاد انسانن ۾ باهمي تعاون پيدا ڪيو جنهن انهن کي زرعي دور۾ داخل ڪيو؛ هن دور ۾اجتماعيت جي اُڻت انسانن کي جانورن ۽ ٻوٽن تي ضابطو ۽ غلبو عطا ڪيو، نتيجي ۾ باهمي انحصاري انساني تاريخ جي وسيع ڪينواس تيسلطنتن ۽ بادشاهتن جي تاڃي-پيٽي تي ترقي ۽ مفادن جا انيڪ چٽ چِٽيا. ان وقت جي انسانن، جانورن کي جسماني پورهئي لاءِ پنهنجي مددگار طور استعمال ڪيو ۽ سندن کير، گوشت ۽ چمڙي کي پنهنجي کاڌي ۽ ٻين ضرورتن لاءِ استعمال ڪيو؛ انهن ڪيترن ئي فائديمند ٻوٽن جي جي پوکِي ۽ اپت حاصل ڪرڻ بابت سکيو، ته ڪيترن کي وري بيمارين جي علاج لاءِ استعمال ڪيو؛ ان کان سواءِ انهن نقصانڪار ٻوٽن ۽ جانورن کان بچڻ پڻ سکيو. بعد جي صنعتي دور ۾ اجتماعيت قومي ۽ ملڪي ميدانن تي پاڻ ملهايو. هن دور ۾ جيتوڻيڪ انسانن مختلف صنعتن، فيڪٽرين توڙي ٻين هنڌن تي جسماني مشقت جا ڪم مشينن کان ورتا ۽ پاڻ کي شديد جسماني پورهئي ۽ مشقت کان آجوڪيو، پر پوءِ بهانهنلاءِ زندگي جي عملي ميدان ۾ ذهني ۽ عقلي ڪمبچيل ئي رهيا.
جديد يا موجوده سليڪان يعني ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ دور ۾ قومي ۽ ملڪي سڃاڻپ جون ديوارون ڊهندي پيون نظر اچن، ڇو ته اجتماعيت دنيا کي عالمي ڳوٺڙي ۾ تبديل ڪري چڪي آهي. هتي هڪ ماڻهو دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويٺي ڪنهن ٻئي ماڻهو ۽ اداري سان جڙي سگھي ٿو ۽ هن دور ۾ علم ۽ معلومات هر فرد جي پهچ ۽ رسائي لاءِ عام بڻجي چڪو آهي، جنهن ڪري انسان ڌرتي کان ٽپي چنڊ ۽ مريخ تائين رسائي حاصل ڪري چڪو آهي.
مستقبل جي هٿرادو (مصنوعي) ذهانت واري دور ۾ اجتماعيتانسانن کيٻنهي يعني جسماني ۽ ذهني پورهئي ۽ مشقت کان آجو ڪري ڇڏيندي، نتيجي ۾ انسانيت شايد ٻن انتهائن جي ٻه-واٽي تي وڃي پهچندي. انهن ٻن واٽن مان ممڪن آهي ته هڪڙي واٽ نهايت اتساهيندڙ ۽ خوبصورت هجي ۽ انسان جي ديرينه ۽ ازلي خوابن جي ساڀيان ۽ منزل ماڻيندڙ هجي. اجتماعيت-پسندي، انسانيت-پسندي، جيو ۽ جيئڻ ڏيو جهڙن سُونهَنِ اصولن هيٺ مصنوعي ذهانت تي ڀاڙيندڙ ۽ ان تي عبور رکندڙ مستقبل جا انسان ٿي سگھي ٿو سموري انسان-ذات جي آڪاش مٿان ڇانيل ڏڪارن، جنگين ۽ بيمارين جا بادل هميشه لاءِ ڇنڊي ڇڏين ۽ انسان-ذاتکي سڀني دُکن دردن، ڏُکن ڏوجھڙن، تعصبن ۽ نفرتن کان مڪتي ڏياري ڇڏين، جنهن جي نتيجي ۾ سموري انسان-ذات سدا حسين، سدا جوان، سدا خوش ۽ سدا حيات جهڙن ديرينه خوابن کي حقيقت جو ويس پارائي! ٻئي پاسي ۽ ٻِي واٽ تيذاتي مفاد، تعصب، نفرت، برتري، جنگ ۽ جِيت جي ڪارن اصولنتي هلندي، گھڻو ممڪن آهي ته مستقبل جو انسان اجتماعيت جو عَلم ڦِٽو ڪري، شايد انفراديت ۽ اڪيلائي جي اونداهي غار ۾غرق ٿي وڃي، ٻين لاءِ ٻاريل ۽ لڳايل پنهنجي ئي ڀڙڪايل باهه جو بک ٿي وڃي، ٻين جي استحصال جي انڌ ۾ پنهنجو ئي ڪنڌ ڪٽي وٺي، بمن ۽ بارود سان ٻين لاءِ دنيا ۽ زندگي جهنم بڻائڻ جي چڪر ۾ پاڻ ئي جهنم واصل ٿي وڃي!