ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ھيومن رائيٽس ڪميشن مطالبو ڪيو آهي ته  نصيرآباد ۾ قتل ٿيل ھدايت الله لوھار جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائي سندس گرفتار ڪيل ٻنھي پٽن کي آزاد ڪيو وڃي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايچ آر سي پي جي چيئرپرسن اسد اقبال بٽ، قاضي خضر، مھناز رحمان، نزھت شيرين ۽ ٻين چيو ته ايچ آر سي پي جي فيڪٽ فائيڊنگ لاءِ ٽيم نصيرآباد وڃي مقتول جي ڌيئرن سان ملاقات ڪئي ۽ قتل واري ھنڌ جو معائنو ڪيو، ايس ايس پي سان پڻ ملاقات ڪئي، ايس ايس پي اڌ ڊزن کان وڌيڪ جيڪي سي سي ٽي وي وڊيوز ڏيکاريون انھن ۾ پتو پوي ٿو ته موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن ھدايت الله لوھار جو پيڇو ڪيو کيس قتل ڪرڻ بعد شھر مان ٻاھر نڪري ويا. ھدايت الله لوھار کي جڏهن 2017ع ۾ کنڀي گم ڪيو ويو ھو ته ان وقت کيس کنڀڻ لاءِ ماڻهن سان گڏ موجود ھڪ شخص جو مزاحمت دوران پرس اتي ڪري پيو ھو ۽ ھن جو شناختي ڪارڊ موجود آھي 2023 ع ۾ ھدايت لوھار کي ايس ايچ او نصير آباد گرفتار ڪري گم ڪيو ۽ وري پوءِ ھو آزاد ٿيو جنهن بعد کيس 16 فيبروري تي قتل ڪيو ويو پر پوليس قتل جو ڪيس داخل نه ڪيو. انھي مان لڳي ٿو ته ھدايت الله لوھار کي قومپرست سياست ڪرڻ تي ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو آهي ھتي کنڀي گم ڪيل ماڻهن لاءِ آواز اٿاريندڙ ماڻهو محفوظ ناھن. ھنن مطالبو ڪيو ته جيڪو به ماڻهو ڪنهن ڏوھه ۾ ملوث  آھي انھي کي گرفتار ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ ھدايت الله لوھار جي قاتلن کي وائکو ڪيو وڃي