بڪيراشريف(ن پ ا) بڪيراشريف جي ڳوٺ لونگ دل جي رھواسين ھاشم دل، عثمان دل، عاري دل، يوسف دل جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ڀرسان مرغي فارم قائم ٿيڻ خلاف مئل مرغيون ھٿن ۾ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺ ڀرسان مرغي فارم کلڻ سبب ڪيتريون ئي بيمارين جنم ورتو آهي. جنهن ۾ چمڙي جي بيماري، دم جي بيماري، ۽ ٻيون  بيماريون پيدا ٿيون آهن .ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته اسان ڪيترا ئي ڀيرا مرغي فارم جي مالڪ نعمان بلوچ کي شڪايت ڪئي آهي ته فارم کي ڳوٺ کان مفاصلي تي قائم ڪريو . پر فارم جو مالڪ اسان جي ڳالھه ٻڌن لاءِ تيار ناهي ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳوٺ جي پرائمري اسڪول سان لڳ فارم جي ھئڻ سبب جيڪا بدبو ٿئي ٿي .ان ڪري اسڪولي ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آھي. معاملي جو سخت نوٽيس وٺي ھن مرغي فارم کي ڳوٺ ڀرسان ھٽايو وڃي جئين ڳوٺاڻا سک جو ساھه کڻي سگھن.